غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي وارو آپريشن، حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته 30 اپريل کانپوءِ ڪو به پرڏيهي بنا ويزا جي پاڪستان ۾ نه رهندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري اعلان ڪيو آهي ته 30 اپريل کانپوءِ ڪو به پرڏيهي پاڪستان ۾ بنا ويزا جي رهائش نٿو اختيار ڪري سگهي ۽ غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جي تاريخ ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.
طلال چوڌري چيو ته ملڪ ۾ غير قانوني طريقي سان رهندڙ افغان شهرين کي روزگار ڏيڻ، گهر يا دڪان ڪرائي تي ڏيڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته افغان حڪومت سان لاڳاپا قائم آهن ۽ ڳالهين لاءِ نائب وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد افغانستان روانو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين جي واپسي جو عمل جاري آهي ۽ پهرين اپريل کان هينئر تائين 40 هزار کان وڌيڪ افغان شهرين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي.