ساڍا 12 لک ماڻهن ۾ راشن ڪارڊ ورهائڻ جو اعلان

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ساڍا 12 لک ماڻهن ۾ راشن ڪارڊ ورهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
لاهور ۾ خاص ماڻهن لاءِ سپورٽ ڊيوائيسز ۽ ويل چيئرز ورهائڻ جي تقريب دوران مريم نواز چيو ته خاص ماڻهو پاڻ کي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي پورٽل تي رجسٽر ڪرائين.
هن چيو ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هاڻي اقتدار جو مرڪز تبديل ٿيو آهي، حڪومت پاڻ عوام جي در تي پهچي رهي آهي، جيڪڏهن رياست خاص ماڻهن جو ساٿ ڏئي ته سندن ڏکيائيون گهٽجي سگهن ٿيون.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته راشن ڪارڊ سان ماڻهن کي سندن ڪچن جي خرچن ۾ ڪجهه مدد ملندي.

اپريل 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو