بنگلاديش سان لاڳاپا متاثر ڪرڻ جون سازشون ڪامياب نه ٿينديون: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري ۾ خلل وجهڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون.
پرڏيهي کاتي جي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ واري عمل کي ناڪام بڻائڻ جون سازشون ڪامياب نه ٿينديون.
هن چيو ته اهڙيون سڀ من گهڙت رپورٽون رد ڪيون ٿا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائين ٿيون.
شفقت علي خان جو چوڻ هو ته 15 سالن کانپوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سطح تي ڳالهين دوران ڪجهه پراڻن معاملن تي ٻنهي ملڪن پنهنجا موقف واضح طور تي پيش ڪيا.
هن چيوته ڳالهين جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ ۽ گڏيل اعتماد جي بحالي هو.
ٻئي پاسي بنگلاديش جي پرڏيهي سيڪريٽري جاسم الدين چيو آهي ته ماضي جا حل ٿيڻ جوڳا مسئلا جلد کان جلد اڪلايا ويندا ته جيئن فلاحي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي لاءِ رستو نڪري سگهي.
هن اِهو به ٻڌايو ته پاڪستاني پرڏيهي وزير 27 ۽ 28 اپريل تي بنگلاديش جو دورو ڪندو.