گرمي جو پد ۽ تبديل ٿيندڙ موسمون

Spread the love

رياض ابڙو 

 اسان جي هڪ گهر يا هڪ ڪمري جي  ڳالهه ڪيون جتي اسين کائون، پيئون، اٿئون ويهون، سمهون ۽ هر ايڪٽوٽي ڪيون ۽ اتي صفائي نه رکون ته ڇا اتي اسان ويهي سگهنداسين، جي سگهنداسين، زندگي گذاري سگهنداسين؟ سوال پنهنجي جاءِ تي ڳنڀير ته ضرور آ، پر ان جا اپاءَ ڪير وٺندو، ڪير انهن مسئلن کي منهن ڏيندو، ڪير انهن ڳالهين جو نبيرو ڪندو، ڪير مالڪي ڪندو، ڇو ته  ڳالهه رڳو جي هڪ ماڻهوءَ جي هجي ته صحيح آ پر اجتماعي  ڳالهه جو وزن ۽ بارُ گھڻو ٿو هجي جنهن جي لاءِ بين الاقوامي ڌريون جي جاڳين ٿيون ته دنيا جي بقا جو سوال هوندو، ۽ اهو به آهي ته ترقي سڀني کي سٺي لڳندي آ، هر ڪو چاهيندو آ ان وٽ جدت هجي، ان وٽ سڀ شيون نيون، نڪور ۽ نئين ٽيڪنالاجيءَ سان ٽمٽار هجن، معني انهن جا پاڙيسري اچن ته انهن جي فرنيچر کان وٺي ٽي وي، فرج ۽ موبائيلون ڏسي وائڙا ٿي وڃن، ساڳي  ڳالهه ملڪن سان به منسوب ڪري سگهجي ٿي، ته جن ملڪن وٽ جديد ٽيڪنالاجي آ، جن ملڪن وٽ شين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن، جيڪي ملڪ پنهنجي گهريلو شين ٺاهڻ ۾ پاڻ ڀرا آهن، جن ملڪن وٽ صنعتي ڄار وڇايل آهن، جن وٽ شيون ايتريون ته وافر مقدار ۾ ٺهن ٿيون جو اهي پنهنجو پورائو ڪرڻ کانپوءِ ٻين ملڪن ڏي به ڏياري موڪلن ٿا، انهن مان ناڻو ڪمائن ٿا، انهن وٽ غربت ناهي، انهن جا ماڻهو خوشحال آهن، انهن جو سِڪو قدر نه ٿو وڃائي، معني انهن ملڪن جي مقابلي ۾ جيڪي ملڪ سئيءَ کان وٺي اُٺ تائين جون شيون ٻين ملڪن کان گهرائن ٿا (جيئن اسان جو ملڪ) پر فرق اهو ضرور آهي ته اهي ملڪ جيتريون فيڪٽريون، صنعتون ۽ ڪارخانا هلائيندا ته دونهون به اوترو ڇڏيندا، يا ائين صاف صاف چئون ته هر ماڻهو ۽ ملڪ يا جيڪو به شيون استعمال ٿو ڪري اهو ان دونهين ۾ حصو ٿو ڳنڍي، ڇو جو انهن وٽ انهن شين جي لاءِ جيڪي به فيڪٽريون هلن ٿيون اهي دونهون ته ڇڏن ٿيون، اهي گدلو پاڻي، زهريلو مادو، خراب ۽ زهريلو ڪچرو وري ساڳو ماحول ۾ اڇلائن ته ٿا، مثال عام ماڻهو جي ڪو جوس جو دٻو ٿو وٺي ته ان جي پويان جيڪي به صنعت ڪارفرما هوندي، معني ان ۾ پيل جوس کان وٺي، ان پاٺي ٺاهڻ جي لاءِ جن فيڪٽرين دونهون ڇڏيو هوندو، ان جي لاءِ جن مزدورن، آفيسرن ۽ ٽرانپورٽيشن ڪم ڪيو هوندو جن جي وسيلي اهو جوس جو دٻو عام ماڻهوءَ تائين پهتو هوندو ته ان سڄي عمل ۾ جيڪي به فيڪٽري هوندي، جيڪا به ٽرانسپورٽيشن هوندي يا جيڪي به ماڻهو هوندا انهن سڄي ماحول کي دونهاٽيو ته هوندو نه، وري ڪچرو الڳ، معني ايڏو ڊگهو ۽ ٿڪائئيندڙ پروسيس آ جنهن جي لاءِ اپاءَ ته وري اهو ملڪ وٺي جنهن جي کيسي ۾ پئيسا ٿا پون، جيڪو ڪمائي ٿو، جنهن جي معيشت بهتر ٿي ٿئي، جنهن جي ڪري ان ملڪ ۾ خوشحالي ٿي اچي، جنهن جي ڪري اتان جي ماڻهن مان غربت ۽ غريب جو تصور فرسوده ٿيل ٿو ڏسجي، پوءِ ماحولياتي اپاءَ به اهي وٺن.

ساڳي  ڳالهه جو بحث ۽ ضد ته ڊونلڊ ٽرمپ به پنهنجي دور ۾ ڪيون ويٺو هيو، جو گذريل سال (2024) سيپٽمبر ۽ نومبر ۾ جي8 جي ملڪن جون ٿيل گڏجاڻيون ۽ جي20 جي ملڪن جون مسلسل ٿيل ميٽنگس ان  ڳالهه تي هيون ته جيڪو ملڪ گھڻو دونهون ٿو ڇڏي، جيڪو ملڪ گھڻيون فيڪٽريون ٿو هلائي، جيڪو ملڪ گھڻيون صنعتون ٿو هلائي، جيڪو ملڪ جيترو دونهون ٿو ڇڏي اهو ملڪن وري اوترو ئي پئيسو خرچ ڪري ان ماحولياتي گدلاڻ لاءِ اپاءَ وٺي، ان ڪري پهرين جيترو زور ۽ دٻاءُ فرانس جي ماحولياتي گدلاڻ واري تنظيم آمريڪا تي وجهيون ويٺي هئي اوترو ئي هاڻي آمريڪا وري چائينا تي هنئيون ويٺي آ ته جيتريون فيڪٽريون چين جون ٿيون هلن جيترو صنعتي ڄار چائينا جو آ ۽ جيترو پئيسو چائينا ٿو ڪمائي اوترو ئي چائينا کي ماحولياتي گدلاڻ تي خرچ ڪرڻو پوندو، ڇو ته ان کان اڳ ڊولنڊ ٽرمپ ڪووڊ جي ڪري چائينا تي ڏمريل هيو اوترو ئي وري هاڻي جو بائيڊن چائينا تي به ڪاوڙيل آ (ان کان اڳ ڊبليو ايڇ او جي ٽيم کي چائينا وارن ته تريءَ تيل لائڻ نه ڏنو معني ڪووڊ جي رسرچ ڪرڻ نه ٿا ڏين ته آخر ٿيو ڇا؟) وري ساڳي ماحولياتي گدلاڻ جي  ڳالهه ڪري آمريڪا جي نمائنيو ”جان ڪيري“ ۽ چائينا جي نمائندي ”زائي زنهوا“ جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ۽ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي چڪي آ، پر  ڳالهه اها به آهي ته دنيا جي سڀني صنتعڪارن، فيڪٽرين جي مالڪن ۽ وڏن وڏن سيٺين تي اخلاقن، انسانيت جي ناتي، رحمدليءَ جي ناتي، يا ملڪي قانون جي تحت اهو فرض ضرور هوندو آ ته جنهن ڌرتي تي ويهي، جنهن ملڪ ۾ ويهي، جنهن علائقي ۾ ويهي اهي پنهنجي ملڪيتون، مال، فيڪٽريون ۽ صنعتون هڻي ڪمائن ٿا پوءِ اهي گھٽ ۾ گھٽ انهن علائقن، ماڻهن، ملڪن تي خرچ ڪن

اها ٻي  ڳالهه آ ته وڏن ملڪن جي وڏن شهرن ۾ پاڻي جا صاف ڪرڻ جا وڏا صنعتي يونٽ لڳل آهن يا انهن وٽ الڳ الڳ گٽر ٺهيل آهن جو جڏهن انهن وٽ مينهن ٿو وسي ته اهو الڳ گٽر (مان جن کي اهي بارشي گٽر ٿا سڏن) مان گذري ۽ لنگهي صاف ٿي وري پيئڻ ۽ استعمال ڪرڻ جهڙو بڻجي ٿو پئي پر اسان جو حال اهو آ ته جڏهن مينهن وڌي ٿو وڃي ته اهو ڏمر بڻجي غريبن جا جهڳا ئي جَھڙُ ٿو ڪري ڇڏي جو ماڻهو ته مينهن نه وسڻ جي ڪري به نماز ٿا پڙهن وري گھڻي وسڻ تي به نماز ٿا پڙهن (حڪومت جا اپاءَ وٺڻ نه وٺڻ هڪ الڳ الميو آ) پر اهڙي موسمياتي تبديلي ۽ صنعتي ترقي جا مزا به انهن امير ملڪن جي کيسي ۾ آهن ته پوءِ انهن تبديلن جي ڪري اهڙين موسمياتي تبديلن جا خرچ به انهن امير ملڪن جي ڳچيءَ ۾ پوڻ گهرجن، چائينا ۽ امريڪا جا ٻيا جھيڙا پنهنجي جاءِ تي پر هن موسمياتي جھيڙي ۾ اِلهو ٻِلهو ٿيڻ نه گهرجي جو غريب ملڪن جي ان گرميءَ جي پد ۽ موسمايتي تبديليءَ مان جان ڇٽي.

اها به حقيقت آ غريب ملڪ جن وٽ نه فيڪٽري، نه صنعت، نه ڪارخانو، نه ترقي، نه آسرو، نه اميد، نه ڪا اهڙي  ڳالهه جنهن مان سمجهون ته اهي هاڻي ترقي ڪري ويندا، ڇو ته اسان جهڙن ملڪن ۾ قوميت واري بدنيتي، ٻولين جا فرق، مذهبي ويڇا، فرقي پرستي، شدت پسندي، دهشت پسندي، يا وري آمريڪي يا غير ملڪي درٻاريت، بين القوامي غلامي ۽ آقاگيري ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي، پر اتي هن  ڳالهه کي منهن ڏيڻ به ڳرو ٿي ٿو پوي ته ڀلي مشرف کان وٺي يا ان کان اڳ جنرل ايوب جي دور ۾ اسان ٻين جي جنگ وڙهون پر هاڻي ٻين جي پيدا ڪيل دونهين ۾ غريب ملڪن جا ماڻهو ڇو مرن، معني ”کٽيو کائي فقير ۽ ڌڪ جهلي ڀولي“ ترقي آمريڪا جي، ترقي چائينا جي، ترقي يورپ جي، ترقي پهرين ۽ ٻي دنيا جي ملڪن جي ۽ مرن دونهين ۾ غريب ملڪ ۽ ٽين دنيا جا ماڻهو، وري اڃان ان کي سولو ڪجي ته ان دونهين ۽ اوزون جي ڦٽجڻ ۽ ڌڪي ٿيڻ جي ڪري جيڪي به موسمياتي تبديلون اچن ٿيون انهن جو اثر ته غريب ملڪن تي گھڻو ٿو پوي، ڇو ته جيڪو ايڪو سسٽم ڊسٽرب ٿي ويو آ، ان جو اثر ته آهي ئي غريب ملڪن جي مٿان، جو انهن موسمي اثرن جي ڪري جن ملڪن ۾ سوڪهڙو هجي ٿو انهن وٽ گھڻي بارش ٿي پئي يا جن ۾ گھڻي بارش پوندي هئي انهن وٽ هاڻي سوڪهڙو آ، يا اسان ته هيل اهو به ڏٺو ته پنجاب ارسا جي چنبي مان نڪري اسان جو 48 سيڪڙو حصي جو پاڻي ڳڙڪائي ويو، ۽ ان جي ڪري جيڪي فصل نه ٿيا، ان جي ڪري جيڪي غريب ماڻهو فصل نه کڻي سگهيا، ان جي ڪري جيڪو اناج جي کوٽ، غربت ۾ واڌ، جيڪي ان غربت جي ڪري انهن علائقن مان لڏپلاڻ ٿي ان جو زميورا ڪير آ؟ چائينا يا آمريڪا يا سڄو يورپ يا سڄي پهرين ۽ ٻي دنيا جا ملڪ جن جي ڪري ٽين دنيا جا ملڪ لوڙن ٿا يا عزاب ۾ آهن، جن جي ڪري غريب ملڪن تي اڻ ڏٺي شامت، ٻوڏ، ماڻهن جي مرڻ جو انگ، انهن جي ڍور ڍڳن جي مرڻ جو تعداد، انهن جي جاين جڳهن ڪرڻ ۽ تباھ ٿيڻ جو ريشو ۽ اهڙا اڻ ڳڻيا دل سوز واقعا جن تي لکجي ته پنا کٽي وڃن پر قصو نه کٽي، پوءِ موسمياتي تبديلين جي ڪري اسان جهڙا ٻيا ملڪ به ان  ڳالهه جا حامل ناهن ته اهي اهڙي سٽ سهي سگهن، ان ڪري جو جو ڪري سو ڀري.

گذريل سال (2024) سيپٽمبر ۽ نومبر ۾ جي8 جي ملڪن جون ٿيل گڏجاڻيون ۽ جي20 جي ملڪن جون مسلسل ٿيل ميٽنگس ان  ڳالهه تي هيون ته جيڪو ملڪ گھڻو دونهون ٿو ڇڏي، جيڪو ملڪ گھڻيون فيڪٽريون ٿو هلائي، جيڪو ملڪ گھڻيون صنعتون ٿو هلائي، جيڪو ملڪ جيترو دونهون ٿو ڇڏي اهو ملڪن وري اوترو ئي پئيسو خرچ ڪري ان ماحولياتي گدلاڻ لاءِ اپاءَ وٺي،

اپريل 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو