ڀارتي شاعر جا نصرت فتح علي خان بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي نامياري شاعر ۽ گيت ڪار سمير انجان انڪشاف ڪيو آهي ته مشهور گيت ” دُلهي ڪا سهرا سهانا لگتا هي“ جي رڪارڊ دوران نصرت فتح علي خان ڪيئي ڀيرا لڙڪ لاڙي ويٺو هو.
ويجهڙ ۾ گيت جا ٻول لکندڙ سمير انجان هڪ انٽرويوءَ دوران ٻڌايو ته جڏهن ” ڌڙڪن “ فلم جي گانا لکيا پئي ويا ۽ رڪارڊ ٿي رهيا هئا، تڏهن نصرت فتح علي خان ممبئي آيو هو.
سندس چوڻ هو ۽ موسيقار جوڙي نديم- شروڻ پروگرام ٺاهيو ته نصرت فتح علي خان کي گيت ڳائڻ جي درخواست ڪجي.
سمير انجان موجب، موسيقار نديم-شروڻ استاد نصرت فتح علي خان جا مداح هئا پر نصرت صاحب هر گيت نه ڳائيندو هو، کيس جنهن گاني جي موسيقي ۽ شاعري وڻندي هئي اِهو ئي ڳائيندو هو.
سمير انجان چيو ته هو ۽ نديم-شروڻ استاد نصرت فتح علي خان سان مليا ۽ کين گيت جي موسيقي ۽ شاعري ٻڌائي جنهن کانپوءِ هو گانو ڳائڻ لاءِ راضي ٿي ويو، تن ڏينهن ۾ سني ديول جي ميوزڪ اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ جي نئين مشين آئي هئي جيڪا انگريز هلائيندا هئا.
هن ٻڌايو ته جيڪي انگريز اِها مشين هلائڻ ڄاڻندا هئا سي پهرين ئي نصرت فتح علي خان کي ڄاڻندا هئا ۽ ساڻس ڪم ڪري چڪا هئا.
سندس چوڻ هو ته گاني جي رڪارڊنگ شروع ٿي ۽ جڏهن نصرت فتح علي خان ”مين تيري بانهون ڪي جُهولي ۾ پلي، بابُل“ جي جملي تائين پهتو ته ڍانڍيون ڪري سُڏڪا ڀري روئڻ لڳو.
سمير انجان موجب، نصرت فتح علي خان جي روئڻ کانپوءِ گاني جي ٻيهر رڪارڊن شروع ڪئي ويندي هئي ۽ جيئن هو مٿي ڄاڻايل جملي تائين پهچندو هو وري روئڻ لڳندو هو، اِهو 150 ڀيرا ٿيو.
سمير وضاحت ڪندي چيو ته نصرت فتح علي خان روئڻ جو سبب پڇڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل جملو ڳائڻ دوران کيس پنهنجي نياڻين جي ياد اچي ٿي جنهن ڪري هو پنهنجي جذبن تي ضابطو نه ٿو رکي سگهي.
ياد رهي ته ” دُلهي ڪا سهرا سهانا لگتا هي“ جا ٻول شاعر سمري انجان لکيا هئا، جنهن جي موسيقي نديم-شروڻ ترتيب ڏني ۽ اِهو استاد نصرت فتح علي خان ڳايو هو.