پي سي بي حماد اعظم تي وڏو ڏنڊ هڻي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان گريڊ-2 ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ڪنگز مين ٽيم جي ڪپتان حماد اعظم تي 100 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
حماد اعظم وننگ ٽرپل نائين اسپورٽس خلاف ميچ دوران آئوٽ ڏيڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
ذريعن موجب، حماد اعظم ميدان تي امپائرن سان گڏ ميچ ريفري سان به بدتميزي ڪئي.
واقعي کان پوءِ فيلڊ امپائرز رفيق احمد ۽ عبدالڪريم، ميچ ريفري کي صورتحال بابت رپورٽ ڏني، جنهن کانپوءِ ميچ ريفري حماد اعظم ۽ ڪنگز مين ٽيم جي مئنيجر کي طلب ڪيو.
ميچ ريفري علي گوهر سان آفيشل ميٽنگ دوران به حماد اعظم بدتميزي ڪئي، جنهن تي ميچ ريفري کيس 100 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو.