ملڪ ۾ سياست بدران ڏنڊي جي زور تي ماڻهن کي ويهاريو ويو آهي: علي امين گنڊاپور

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي ۾ ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، ڪي پي ملڪ جو امير ترين صوبو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته مديني جي رياست انصاف تي قائم هئي، دنيا جي تاريخ ۾ اڄ تائين مديني جهڙي رياست نه ٿي ملي، جتي عدل ۽ انصاف ۽ قانون جي حڪمراني اِها بهترين رياست هوندي.
سندس چوڻ هو ته اڄ ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، پاڪستان سياسي تحريڪ ذريعي وجود ۾ آيو، افسوس آهي ملڪ ۾ سياست بدران ڏنڊي جي زور تي ماڻهن کي ويهاريو ويو آهي.
هن چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، پنهنجن ماڻهن کي آڻڻ ۽ عوام تي مڙهڻ لاءِ تجربا ڪيا ويا.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو، قوم پُڇي ٿي ته ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙن کي ڪهڙي سزا ڏني وئي آهي؟

اپريل 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو