بلوچستان جو ” خوني ٽريڪ“ ٻه هزار جانيون ڳڙڪائي ويو، ان کي هاءِ وي بڻائي رهيا آهيون: وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ”خوني ٽريڪ“ اٽڪل ٻه هزار جانيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن کي هاڻي هاءِ وي بڻائي رهيا آهيون.
اسلام آباد ۾ جناح اسڪوائر انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ روڊن جي رٿائن جي مخالفت ڪندڙ تنگ نظر ماڻهو آهن.
هن چيو ته ڪراچي، قلات، خضدار ۽ ڪوئيٽاکي ڳنڍيندڙ شاهراهه جو منصوبو اعليٰ معيار موجب مڪمل ڪيو ويندو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته جنهن روڊ کي ”خوني ٽريڪ“ چيو وڃي ٿو، ان کي هاڻي هاءِ وي بڻايو ويندو، جنهن جي ڪوالٽي موٽر وي جهڙي هوندي.
سندس چوڻ هو ته ٻن سالن دوران اٽڪل 300 ارب رپين جي لاڳت سان اِها رٿا مڪمل ڪئي ويندي. بلوچستان جي عوام کي اهڙي منصوبي جي ضرورت هئي، جيڪو سمورن قومن جي دل جي آواز هجي.
هن چيو ته اين ايف سي اوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو به ٻيڻو ڪيو ويو آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج جو ويزن آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي.
ٽيم ورڪ سان معيشت کي استحڪام مليو آهي ۽ هاڻ ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي آهي. بهتر حڪمت عملين جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عالمي درجي بندي ۾ بهتري آئي آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي سڌي ريت ڏيڻ بدران بلوچستان جي اهم شاهراهه اين-25 کي ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

اپريل 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو