ڪئنالن خلاف تحريڪ نتيجا ڏيندڙ مرحلي ۾ داخل

Spread the love

سيد يوسف شاهه

        سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏيڻ خلاف سنڌي قوم جي تحريڪ قومي ٻڌيءَ جا شاندار مثال قائم ڪندي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رھي آھي. ھن تحريڪ ۾ شامل مختلف نظريا رکندڙ سياسي ڌريون ھُجن، آبادگار تنظيمون توڙي عورتن جون تنظيمون ھجن، شاگرد، استاد يا اسڪولي ٻار ھجن. صحافي، شاعر يا فنڪار ھجن. نوجوان ڊاڪٽرن جون ايسوسيئيشنون ھجن، درياهه جي حق ۾ عالمن ۽ ذاڪرن جون فتوائو ۽ جدوجهد ھجي يا ڪارن ڪوٽن وارن وڪيلن جون للڪارون. سڀني سنڌي قوم جي حقن حاصل ڪرڻ واري ھن تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ پنھنجن وسيلن کان محروم سنڌي قوم ۾ وري پنھنجي ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جي لاٽ ٻري پيئي آھي. نئون اتساهه پيدا ٿيو آھي، نيون اميدون ڪَرَ موڙي جاڳي پيون آھن، سنڌي قوم، سنڌ جي ڦٻايل خوشحالي ۽ پنھنجا کسيل حق واپس وٺڻ لاءِ ميدان تي نڪري پيئي آھي، سنڌ جي سمورن طبقن سان تعلق رکندڙ اھي سچا، کرا ۽ وطن دوست ماڻھو ھڪ ھٿ جي آڱرين وانگر گڏ جي، ھڪ مضبوط مُڪو بنجي چڪا آھن ۽ سنڌ دشمنن جي منھن تي پوندڙ اِنَ مُڪي سندن وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن.  سرائيڪستان مان پڻ ھن تحريڪ جي پڙاڏن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي رھي آھي ۽ پاڪستان سرائيڪي پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌوءَ مان ڇھن ڪئنالن ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ چولستان تي قبضي خلاف سرائيڪي عوام پڻ روڊن تي نڪتل آھي.

ھڪ طرف ڊاڪٽرن جي ڪنوينشن ۾ اھو وچن ورجايو پيو وڃي ته ھو سمورن سياسي نظرين کان مٿانھان ٿي، سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو حصو بنجندا ته ٻئي پاسي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ميزبانيءَ ھيٺ وڪيلن جو ملڪ گير ڪنوينشن ٿيو، جنھن ۾ سنڌو درياهه بچائڻ واري تحريڪ سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظھار ڪندي، غيرقانوني ڪئنال رد ڪرڻ، ارسا جي نئين سر جوڙ جڪ ۽ وفاق پاران مستقل طور ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو مقرر ڪرڻ سميت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جون الاٽ ڪيل زمينون فورن رد ڪرڻ ۽ ڪئالن لاءِ ارسا پاران اضافي پاڻيءَ جو ڏنل غير قانوني سرٽيفيڪيٽ واپس وٺڻ جي گهُر ڪندي چتاءُ ڏنو ويو ته ھڪ ھفتي اندر اھي غير قانوني رٿائون واپس نه ورتيون ويون ته 18 اپريل کان پنجاب ڏانھن ويندڙ رستا ۽ ريلوي ٽريڪ بند ڪيا ويندا. ته وري حيدر آباد ۾ پڻ وڪيلن جي ڪانفرس ڪوٺائي ويئي. ٻئي پاسي پير صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت ۾ جي ڊي اي جي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ ڪئنالن خلاف ٿيندڙ جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، 15 اپريل تي عمر ڪوٽ ۾ جلسو، 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ يڪجهتي مارچ ۽ 27 اپريل تي لاڙڪاڻي کان قمبرتائين احتجاجي مارچ جو پروگرام رٿيو ويو. ھن گڏجاڻيءَ ۾ سيد زين شاهه، فھميدہ مرزا، ارباب غلام رحيم، اسداللھ ڀٽو، صفدر عباسي، ذوالفقار مرزا، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، مسرور سيال، رياض چانڊيو، احسان جتوئي، منير حيدر شاهه، محسن مگسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان فورن پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ھڪ وضاحتي وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو ته ”ھو جي ڊي اي ۾ شامل نه پيو ٿئي ڇوته ھو ڪافي ڳالھين ۾ ھنن سان متفق ناھي، منھنجو موقف آھي ته سنڌو درياهه مقدس آھي اسان ان کي بچايون ته جيئن سنڌي ھارين کي به پاڻيءَ جو حق ملي سگهي. مان ڪارپوريٽ فارمنگ جي به سخت خلاف آھيان پر جي ڊي اي جا ڪجهہ ماڻھو ان جي حق ۾ آھن.“ نه رڳو سندس سوچ، جذبن ۽ سنڌ پرستيءَ تي ڪنھن کي به ڪو شڪ ناھي، پر سنڌ جو عوام اھا توقع رکي ٿو ته ھو پنھنجيءَ پارٽيءَ ۾ ان کان به وڌيڪ واضح ۽ چٽو پروگرام ڏيندو، پر تحريڪ جي ھن موڙ تي ڪنھن به قسم جون غلط فھميون ھن جدوجهد لاءِ فائديمند نه ٿي سگهنديون، تنھنڪري سائينءَ کي گذارش آھي ته اتحاد هميشه ھڪ نقطي تي ٿيندا آھن، اتحادن ۾ شامل پارٽيون سمورن نقطن تي متفق ھجن ھا ته پوءِ اتحادن بدران ھڪ ٻئي ۾ ضم ٿي ھڪ پارٽي ٺاھي ڇڏين ھا. ماضيءَ ۾ ايم آر ڊي ۾ جتي شھيد ڀٽي خلاف تحريڪ ھلائيندڙ سموريون پارٽيون شامل ھيون، اتي جمھوريت جي بحاليءَ واري ھڪ نقطي تي بيگم نصرت ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو ۽ رسول بخش پليجي جهڙا اڳواڻ به سوين اختلافن باوجود انھن سان گڏ ويٺل ھئا. ساڳي ريت سنڌو بچايو تحريڪ ۾ جتي جسقم جا ٽي گروپ ۽ جيئي سنڌ محاذ موجود آھن، اتي 1940ع واري ٺھراءُ جي بنيادن تي سنڌ لاءِ برابريءَ جا حق گهرندڙ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي به شامل آھن ۽ ساڳئي اتحاد ۾ وحداني طرز جهڙي مضبود وفاقي نظام جون حامي پارٽيون به موجود آھن. جيئن سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينئر سيد زين شاهه جي صدارت ھيٺ ٿيندڙ مشاورتي گڏجاڻيءَ ۾ پي ٽي آءِ، مسلم ليگ فنڪشنل، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن، پورھيت مزاھمت تحريڪ، جماعت اسلامي، جميعت علماءِ اسلام، جسقم نياز ڪالاڻي گروپ ۽ ٻيون سياسي ڌريون شامل ھيون. ھيءُ چونڊ اتحاد نه پر سنڌ جا حق حاصل ڪرڻ واري ڏکي جدوجهد آھي ۽ سنڌ ھر مقصد ۽ نظرئي کان اتم آھي، تنھنڪري ڪافي پارٽيون جدوجهد جي سٽ نه سھندي رستي ۾ ئي وڃائجي سگهن ٿيون ۽ جيڪي پارٽيون پنھنجن مفادن کي ڇڏي فقط سنڌ طرف، سچ طرف ۽ حق طرف ھونديون، اھي ئي آخر تائين جدوجهد جي ميدان تي رھنديون، پر مقصد حاصل ڪرڻ واري ھن سفر ۾ جيڪو جيترو ھلي سگهي، ان کي ساڻ کڻي ھلڻ جي ضرورت آھي. توھان جي ڊي اي ۾ شامل نه پيا ٿيو ته اھو توھان جو حق ۽ استحقاق آھي، جي ڊي اي پاڻ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو ھڪ حصو آھي، پر سنڌي قوم کي توھان مان اميد آھي ته سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو حصو بنجي جدوجهد کي وڌيڪ سگهه ڏيندا. توھان 25 اپريل تي سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ جي احترام طور دادو مورو پل تي رٿيل جلسو 26 اپريل تائين ملتوي ڪري پڻ سنڌي قوم کي ھڪ سٺو پيغام ڏنو آھي.

 اھڙيءَ طرح ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف اٿندڙ ھن تحريڪ ۾ شامل سموريون ڌريون تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪري جمھوري انداز ۾ پرامن ويڙهه وڙھڻ جي موڊ ۾ آھن ته ٻئي پاسي ان وقت حڪومتي ايوان به لُڏي ويا، جڏھن مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب پاران زرتاج گل، احمد چٺا ۽ علي محمد خان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف ٺھراءُ جمع ڪرائيندي گهر ڪئي ته سنڌ ۾ ڪئنالن بابت بيچينيءَ واري صورتحال آھي تنھن ڪري اسپيڪر فورن ھن ٺھراءُ کي ايجنڊا تي آڻي، ايوان ۾ کليل بحث ڪرائي ته ٻئي پاسي زرداريءَ واري پيپلز پارٽيءَ جو پڻ دعويٰ آھي ته ھنن به ڪئنالن خلاف ٺھراءُ قومي اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آھي. سنڌ ۾ پڻ زرداري گروپ ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجين پاليسين ۾ وڏو ڦيرو آندو آھي. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، جيڪو ڪئنال ڪونه ٿا ٺھن چوندي نه ٿڪندو ھو، اھو ساڳيو مراد علي شاهه ” ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا پيو ٿو ھڻائي. جيڪي چوندا ھئا ته اسان ھر حالت ۾ وفاق سان بيھندا سين، يا جيڪڏھن اسان وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيا سين ته حڪومت ڊھي پوندي ۽ نيون چونڊون ٿينديون اھي ساڳيا پيا چون ته جيڪڏھن وفاق پنھنجي ھوڏ تان نه لٿو ۽ ڪئنالن واري رٿا فورن رد نه ڪئي ته اسان کي وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ ۾ ھڪ منٽ به نه لڳندو.! اھڙيءَ ريت سنڌ تي حڪمراني ڪندڙن جو مٿو به اچي پٽ تي لڳو آھي. اھو سڀ ڪجهہ 4 اپريل واري عوامي رد عمل ۽ عوام پاران غيرمتوقع طور تي مليل موٽ جو نتيجو آھي، جو جڏھن بلاول زرداري ”ھر حالت ۾ وفاق سان بيھڻ“ جا اعلان ڪري رھيو ھو ته ھيٺ ” وفاق تو سان جهيڙو آ“ جا نعرا بلند ٿيندا رھيا ھئا. پر کين اھا خبر به ھئڻ کپي ته پنجاب حڪومت پنھنجي ھوڏ برقرار رکندي، چولستان ۽ چوبھار ڪئنالن جي اڏاوت لاءِ پنھنجي بجيٽ ۾ 218 ارب رپيا رکي ڇڏيا آھن. تنھنڪري ھاڻي رڳو ڏٽا ڏيڻ يا ڳالھيون ڪرڻ جو وقت گذري ويو، مصلحت پسندين ۽ مفاھمتن کي ھاڻي سنڌي قوم اوُنھي اوڙاهه ۾ اڇلي چڪي آھي. ھاڻي عملي ڪم ڪري ڏيکارڻو پوندو، پوءِ ڀلي وفاقي حڪومت اچي پٽ تي پوي يا نيون چونڊون ٿين. اوھان کي چٽو موقف رکي سنڌي ماڻھن سان گڏ بيھڻو پوندو. ان ۾ ئي اوھان جي ڀلائي آھي ۽ ان عمل سان ئي اوھان کي سنڌين ۾ پنھنجي ساک بحال ڪرڻ جو آسرو آھي.

حقيقت ۾ ھيءَ حب الوطني ۽ عوامي قوت جو اظھار آھي، جنھن وڏن وڏن ترم خانن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آھي، سنڌي قوم جي ھيءَ تحريڪ ھاڻي نتيجا ڏيندڙ آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آھي. ان موقعي تي تحريڪ ۾ تشدد جو عنصر شامل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون، جنھن جو مثال عامر وڙائچ تي قاتلاڻو حملو آھي. تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ ”نان اشوز“ کي اشو ٺاھي، سنڌ جي مستقل رھواسين کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جون سازشون ٿينديون، تنھن ڪري تحريڪ ھلائيندڙ سمورين پارٽين جي اڳواڻن کي، سنڌ دشمنن جي ھر چال، ھر سازش ۽ ھر حرڪت تي گهري نظر رکي، وڏيءَ دور انديشيءَ ، ڏاھپ ۽ دانشمنديءَ سان فيصلا ڪري سنڌي قوم کي اڳتي وٺي وڃڻ ۽ منزل تي رسائڻ جو فرض ادا ڪرڻو پوندو. اسان جي معمولي چُڪ به اسان کي رستي تان ھٽائي سگهي ٿي، اميد ته اسان جا سنڌ پرست اڳواڻ ھن جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ جا سمورا سور لاھي ڇڏڻ ۾ سوڀيارا ٿيندا.

اپريل 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو