معدنيات بل مامرو، مولانا فضل الرحمان وفاق کي خبردار ڪري ڇڏيو

پشاور ( ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خبردار ڪندي چيو آهي ته معدنيات بِل صوبي جي وسيلن تي وفاق جي هڪ طرفي قبضي جي ڪوشش آهي، جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري ته اسان کي ٻيهر ميدان تي لهڻو پوندو.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس لندي مولانا فضل الرحمان چيو ته وفاق کي پاڻ به سوچڻ گهرجي ته آئين جي ابتڙ بِل اسيمبليءَ ۾ پيش نه ڪيا وڃن، معدنيات بابت قانون صوبن کان پاس ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته اسان جا مفاد ۽ وسيلا محفوظ هجڻ گهرجن.
هن واضح ڪيو ته اهڙي قانونسازي جي يو آءِ کي قبول ناهي، حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي غلطيءَ تي به نظر وجهي، حڪمران اگهور ننڊ ستل آهن جن کي هاڻي جڳائڻو پوندو.
مولانا فضل الرحمان افغان پناهگيرن جي واپسي بابت چيو ته سندن واپسي جو شيڊيول ويهي طئي ڪيو وڃي، افغانستان سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي، ڇو ته خيبرپختونخوا ۾ حڪومت جي رِٽ ختم ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته علماءَ ۽ سياسي ڪارڪنن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، 27 اپريل تي مينارِ پاڪستان تي اسرائيل خلاف مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ فلسطيني ڀائرن سان ڀرپور ايڪي جو اظهار ڪيو ويندو.