صدارتي آرڊيننس تحت ففٿ شيڊيول ختم، حڪومت کي پيٽرول ليوي ۾ واڌ جو اختيار حاصل

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدارتي آرڊيننس جي ذريعي حڪومت پيٽرول ليوي لاءِ لاڳو ففٿ شيڊيول کي ختم ڪري ڇڏيو.
صدر پاڪستان طرفان جاري ڪيل آرڊيننس ۾ ففٿ شيڊيول کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن جي تحت حڪومت کي ليوي جي حد 70 رپيا في ليٽر تائين محدود رکڻي پوندي هئي، پر هاڻي حڪومت کي ڪنهن به حد تائين ليوي لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل ٿي ويو آهي.
نئين ترميم تحت حڪومت پيٽروليم شين تي لاڳو ليوي جي شرح کي بنا ڪنهن قانوني پابندي جي وڌائي سگهي ٿي.
واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعاتي 15 ڏينهن لاءِ حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ بدران پيٽروليم ليوي وڌائي ان جو ازالو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب، پيٽرول تي ليوي 8 رپيا 72 پئسا وڌائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي في ليٽر پيٽرول تي لاڳو ليوي 70 رپيا مان وڌي 78 رپيا 72 پئسا ٿي وئي آهي.

اپريل 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو