بي اين پي ڌرڻو ختم، ڪشمير لاءِ احتجاج جي اجازت آهي پر بلوچن کي احتجاج اجازت ناهي: اختر مينگل

مستونگ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) پاران مستونگ جي علائقي لڪپاس تي 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
بي اين پي (مينگل) پنهنجي سياسي تحريڪ کي نئون رخ ڏيڻ جو فيصلو ڪندي مستونگ جي لڪپاس واري علائقي ۾ 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي.
پارٽي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته عوام کي درپيش مسئلن کي نظر ۾ رکندي جماعت هاڻي ڌرڻي بدران بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍندي.
هن چيو ته احتجاجي تحريڪ ختم نه ٿي آهي، پر ان کي نئين انداز سان اڳتي وڌايو پيو وڃي، پارٽي جي ايندڙ جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ 18 اپريل تي ڪوئيٽا ۾ بي اين پي جي مرڪزي ڪابينا جو اجلاس سڏايو ويو آهي، جتي مستقبل جي حڪمت عملي بابت مشاورت ڪئي ويندي.
سردار اختر مينگل اعلان ڪيو ته ڌرڻي جي خاتمي کانپوءِ جماعت نئين مرحلي ۾ احتجاجي جلسن جو سلسلو شروع ڪري رهي آهي، جيڪو ٽن مرحلن تي ٻڌل هوندو.
اختر مينگل موجب، پهرين مرحلي ۾ مستونگ، قلات، خضدار ۽ سوراب ۾ احتجاجي جلسا ڪيا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ تربت، گوادر ۽ مڪراني پٽي جي ٻين علائقن ۾ احتجاجي سرگرميون جاري رهنديون، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ نصيرآباد، جعفرآباد، ڊيرا مراد جمالي سميت ٻين ضلعن ۾ جلسا ٿيندا.
بي اين پي سربراهه جو چوڻ هو ته رياست پاران سندن پرامن لانگ مارچ ۾ رنڊڪون کڙيون ڪيون ويون، ٻين جماعتن کي احتجاج جي اجازت آهي، پر بي اين پي کي احتجاج جو حق به نه ٿو ڏنو وڃي.
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ” ڪشمير لاءِ احتجاج جي اجازت آهي، پر اسان لاءِ نه آهي.“
ياد رهي ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان واسطو رکندڙ عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ 28 مارچ تي بي اين پي جي سڏ تي وڍ مان لانگ مارچ شروع ڪيو ويو هو، جنهن کي خضدار کان ڪوئيٽا ڏانهن وڌڻ جي اجازت نه ملي، ان کانپوءِ احتجاج ڪندڙ مستونگ جي علائقي لڪپاس وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
بي اين پي جو 20 ڏينهن تائين ڌرڻو جاري رهيو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت طرفان بار بار ڳالهيون ڪيون ويون هيون.
ان کان اڳ پارٽي طرفان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ گرفتار عورتن جي آزادي لاءِ ٻن ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏيڻ جهڙا اعلان پڻ سامهون اچي چڪا آهن.