اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چئن گم ٿيل افغان ڀائرن کي ٻن هفتن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جنوري 2024 کان گم چئن افغان ڀائرن کي ٻن هفتن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس محمد آصف جي سربراهيءَ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي اسلام آباد، ڊي آءِ جي لاهور ۽ آر پي او راولپنڊي عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل نوجوانن جي افغان ماءُ گل سيما کي روسٽر تي سڏايو ۽ پشتوءَ ۾ ڳالهايو پوءِ ترجمو ڪري سڀني کي ٻڌايو.
جسٽس محمد آصف رمارڪس ڏيندي چيو ته ماءُ چوي ٿي ته هوءَ آگسٽ کان وٺي هاءِ ڪورٽ جا چڪر ڪاٽي رهي آهي، جيڪڏهن سندس پٽ مري ويا آهن ته ٻڌايو وڃي.
ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي اسلام آباد عدالت کان وڌيڪ مهلت گهري ورتي، جنهن تي درخواست گذار چيو ته اٺ مهينا گذري ويا، ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي رڳو رپورٽون اچي رهيون آهن ته ماڻهو ناهي مليو.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي صاحب کي سڏايو ويو هو، هو ڇو نه آيو؟ سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته ڪيس جو وقت 11 وڳي جو هو تنهنڪري آءِ جي نه آيو، جڏهن ته ٻين آفيسرن جي حاضري موجود آهي، ٻيهر رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.
جسٽس محمد آصف چيو ته توهان کي ڪيترو وقت کپي؟ وقت ڏيڻ جو هاڻ ڪو فائدو ناهي، اسان کي ماڻهو گهرجن، ٻن هفتن جو وقت ڏئي رهيا آهيون، اسان کي نتيجن بابت آگاهه ڪيو.
ان کانپوءِ عدالت اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس کي لاپتا افغان ڀائرن جي بازيابي لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.