آءِ پي ايل جيان پي ايس ايل ۾ به جارحاڻي انداز ۾ کيڏڻ وارا رانديگر آهن: فهيم اشرف

Spread the love

ڪراچي (ڪوئيٽا ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيٽيرز جي آل رائونڊر فهيم اشرف چيو آهي ته پاڪستاني قوم ڪرڪيٽ سان پيار ڪري ٿي ۽ جڏهن قومي ٽيم سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندي ته ان جو اثر ٽورنامينٽ تي ضرور پوندو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن دفعي نئين ٽيم ۾ شامل آهيان، ڪوشش هوندي ته ماضي وانگر سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريان ۽ ٽيم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيان.
هن چيو ته سڀني سينئر رانديگرن جي اها ئي ڪوشش آهي ته پي ايس ايل ۾ سٺي ڪارڪردگي ذريعي مداحن جو ڌيان حاصل ڪجي.
آل رائونڊر چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ بيٽنگ کان وڌيڪ بالنگ انجواءِ ڪندو آهيان ، رڳو آءِ پي ايل ۾ نه پر اسان جا رانديگر به جارحاڻي انداز ۾ کيڏڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
فهيم اشرف جو چوڻ هو ته پي ايس ايل دنيا جي مشهور ترين ليگن مان هڪ آهي ۽ پاڪستان جو وڏو برانڊ بڻجي چڪو آهي، جنهن نه رڳو رانديگرن کي مالي فائدو ڏنو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته في الحال ٽورنامينٽ شروعاتي مرحلي ۾ آهي تنهنڪري اِهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ڪهڙي ٽيم مضبوط آهي.

اپريل 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو