وهاڙي ويجهو ننڍو جهاز ڪِري تباهه

Spread the love

وهاڙي (ويب ڊيسڪ) وهاڙي ۾ هڪ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو جڏهن ته جهاز ۾ سوار ٻئي پائيلٽ جان بچائڻ ۾ ڪامياب رهيا.
ميڊيا رپورٽس موجب، ننڍو جهاز وهاڙي جي علائقي رتا ٽبه ويجهو ڪِري تباهه ٿيو، جهاز جا ٻئي پائليٽ محفوظ رهيا.
پوليس اختيارين موجب، ٻئي پائليٽ پيرا شوٽ ذريعي جهاز مان محفوظ طريقي سان لهي ويا، جڏهن ته جهاز ڪرڻ جا ڪارڻ اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن.

اپريل 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو