سال جي پهرين ٽه ماهي دوران ڪيترا پاڪستاني روزگار سانگي ٻاهرين ملڪ ويا؟ انگ اکر جاري

Spread the love

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) بيورو آف اميگريشن طرفان پرڏيهه ويندڙ پاڪستانين بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
بيورو آف اميگريشن موجب، هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي دوران هڪ لک 72 هزار 144 پاڪستاني ملازمت روزگار سانگي ٻاهرين ملڪ ويا، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ 99 هزار 139 پاڪستاني پورهيت هئا.
رپورٽ موجب، 1 هزار 859 مستري، 38 هزار 274 ڊرائيور،۽ 1 هزار 689 بورچي به پرڏيهه روانو ٿيا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن سال جي پهرين ٽه ماهي دوران 849 ڊاڪٽر،1 هزار 479 انجنيئر، 390 نرسون، 3474 ٽيڪنيشنز، ۽ 1058 ويلڊرز پڻ ٻاهرين ملڪ ويا.
بيرو آف اميگريشن موجب، 2130 اليڪٽريشن ۽ 436 اُستاد پڻ ملازمت جي سلسلي ۾ ٻاهرين ملڪن جو رخ ڪيو.
رپورٽ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ 1 لک 21 هزار 970 پاڪستاني سعودي عرب روانا ٿيا، جڏهن ته 6 هزار 891 يو اي اي، 8 هزار 331 عمان، 12 هزار 989 قطر، 939 بحرين، 775 ملائيشيا، 592 چين، 350 آذربائيجان، 264 جرمني ۽ 815 پاڪستاني يونان ويا.
رپورٽ موجب، 108 پاڪستاني جپان، 109 اٽلي، 870 ترڪي، 1 هزار 454 برطانيا ۽ 257 پاڪستانين آمريڪا جي اُڏام ڀري.

اپريل 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو