پنجاب پوليس جي پ پ ايم پي اي ممتاز چانگ جي گھر تي چڙھائي، 5 ملازم گرفتار

Spread the love

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس طرفان پ پ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ممتاز علي چانگ جي گھر تي چڙھائي ڪري سندس 5 ملازم گرفتار ڪري ورتو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي ممتاز چانگ جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ رحيم يار خان پوليس جي زيادتين خلاف آواز اٿارڻ سبب پوليس طرفان انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته رحيم يار خان پوليس گھر تي چڙھائي ڪري منھنجا 5 ملازم گرفتار ڪري وئي، پنجاب پوليس جي هن عمل سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انتظاميا سياسي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ اهڙي قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آهي.

اپريل 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو