منير نيازي تي پيڪا لڳايو
محمد حنيف
هڪ ڪهاڻي لکي هئي منٽو، جنهن جو نالو هو ”نيا قانون“ ڪهاڻي جو انجام ھو تھ قانون تھ سرڪار نئون ٺاهي ڇڏيو پر پرڪار نه بدليا.هاڻي صحافي برادري پيڪا جي خلاف گوڙ ڪري رهي آهي. قانون سخت آهي، سزا پهرين ملندي آهي، سڄي خاندان کي ملندي آهي، پوءِ ڏوھ جي ڳولا شروع ڪئي ويندي آهي.جوابدار کي رات جي اونداهي ۾ کنيو ويندو آهي.دروازا ٽوڙيا ويندا آهن.گهر وارن کي ڪجھه دير تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته گهر ۾ ڌاڙو ھنيو پيو وڃي يا قانون جا محافظ گھڙي آيا آهن.
ان کان پوءِ ماڻھو غائب، ٿاڻي ۽ عدالتن جا چڪر،ڪنھن دردمند ۽ مفت وڪيل جي ڳولا، پوءِ ماڻھو برآمد ٿيندوآهي، هٿڪڙين ۾ ريمانڊ پڻ تڪڙو ملي ويندو آهي.ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ ئي، ملزم کي اھو فيصلو ٻڌايو ويندو آهي ته تنھنجي زندگي،تنھنجو ڌنڌو ئي اصل ۾ هڪ ڏوهه آهي.رياست جي خواهش گھڻي پراڻي آهي ته اسان جي ڪنهن عمل تي سوال نه اٿاريو وڃي. بادشاهه جي بي لباسي ڏانھن اشارو نھ ڪيو وڃي.گذرندڙ شاهي سواري اھو ياد نه ڏياريو وڃي ته ان کان اڳ ايندڙ سوارن جو ڪھڙو انجام ٿيو هو. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ئي اسلام آباد مان وحيد مراد کي کنڀيو ويو. ڪراچي مان فرحان ملڪ، احمد نوراني، ملڪ کان ڪٿي ٻاهر ويٺو آهي ۽ سندس آواز جي سزا طور سندس ٻه ڀائر غائب آهن. ڳائڻي ۽ تازي تازي باغي بڻيل سلمان احمد تي پڻ پيڪا لڳوآهي.سينسرشپ نيوز رومز جي ۽ سوشل ميڊيا جو مقصد ناهي، بلڪھ ارادو اھو آھي تھ ماڻهن جي دماغن ۾ داخل ٿجي. ان کان اڳ جو اهي ڪا اهڙي ڳالھھ سوچين، جنھن تي پيڪا لڳي سگھندو ھجي اھي پنهنجي پوڙھي مائرن جو سوچين، جن کي ٿاڻن عدالتن ۾ ڪئميرائن جي سامهون ويهي ڪري، پنهنجن ٻارن جي جان جي خيرات گھرڻي پوندي.پيڪا جي خوف واريءَ ھن موسم ۾ اردو زبان جي خوبصورت شاعر منير نيازي جي ورسي هئي. ڪنهن سندس هي شعر ياد ڏياريو:
اک تیز رعد جیسی سزا ہر مکان میں
لوگوں کو ان کے گھر میں ڈرا دینا چاہیے
جيتري قدر اردو ادب جي سمجھه آهي، منير نيازي کي تنھائي،محبت ۽ اسان جي گهرن ۾ رهندڙ آسيب جو شاعر مڃيو وڃي ٿو.نھ ڪڏهن جيل ويو، نھ ئي ڪڏهن ڪنهن جلسي يا مشاعري ۾ مڪ لھرائي ڪو باغي نظم پڙھيو،پر جيئن جيئن سندس مشهور نظم ياد ايندا ويا، ائين لڳو ته پيڪا جي ھر شق هن تي فٽ آھي.اسان مان گھڻا ئي قلم جا پورھيت سمجهن ٿا ته اسان کي ڳالهه ڪرڻ جو ھنر اچي ٿو.ان ڪري اسين پيڪا کان محفوظ رهنداسين.منير نيازي به پنهنجي زندگي ۾ محفوظ رهيو، پر جيڪڏهن رياست بعد از مرگ فنڪارن کي تمغا ڏئي سگهي ٿي، ته ان کي انهن تي پيڪا به لڳائڻ گهرجي.ڪھڙو مطلب ھو منير نيازي جو جڏهن هن فرمايو:
ریل کی سیٹی بجی اور دل لہو سے بھر گیا
ڇا ان مصرعھ ۾ ھن جو اشارو اسان جي ھاءِ جيڪ ٿيل ٽرين طرف نه آهي.ڇا هو هن شعر ايف آءِ اي، جي انھن اھلڪارن جو مذاق نھ اڏائي رھيو آھي جيڪي پيڪا جي جوابدارن کان جاچ ڪري رھيا آھن.
کسی کو اپنے عمل کا حساب کیا دیتے
سوال سارے غلط تھے جواب کیا دیتے
۽ ڇا هن شعر ۾ 9 مئي جي شرپسندن جي سهولتڪاري نھ ٿي رهي:
اس شہر سنگ دل کو جلا دینا چاہیے
پھر اس کی راکھ کو بھی اڑا دینا چاہیے
۽ اهو جيڪو ھن جو”ھميشھ دير ڪر ديتا ھون“ نظم ۾ ملڪ جي ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ تجربيڪار سياستدان نواز شريف جو مذاق نھ اڏايو ويو آھي ؟۽ اردو ادب جا اهي پڙهندڙ جيڪي پنجابي کان نا واقف آهن، انهن کي به منير نيازي جي پنجابي نظم جا ھي شعر ياد آهن. ٻيهر پڙهو ۽ سوچيو، ڇا ان ۾ قيدي نمبر 804 جو نوحو نه لکيو ويو آهي؟
کجھ انج وی راہواں اوکھیاں سن
کجھ گل وچ غم دا طوق وی سی
کجھ شہر دے لوک وی ظالم سن
کجھ مینوں مرن دا شوق وی سی
اپريل 14, 2025