آمريڪي واڌو ٽيرف سبب پاڪستان کي سنگين خطرا، پنج لک نوڪريون ختم ٿيڻ جو امڪان

Spread the love

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ( آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان لاڳو ڪيل نون ٽيرف سبب پاڪستاني برآمدات کي سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي رپورٽ موجب، آمريڪا پاران 29 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ٿيڻ سبب پاڪستان جون برآمدات 1 ارب 10 ڪروڙ ڊالر کان 1 ارب 40 ڪروڙ ڊالر تائين گهٽجي سگهن ٿيون.
پائيڊ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني ايڪسپورٽس ۾ لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو گهٽتائي جو خطرو آهي، جڏهن ته ان سان گڏ صنعتن جي پيداوار تي به منفي اثر پئجي سگھي ٿو، جنهن سبب 5 لک تائين نوڪريون ختم ٿي سگهن ٿيون.
رپورٽ موجب، موجوده حالتن جو فائدو ڀارت ۽ بنگلاديش ملڪ کڻي سگهن ٿا.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستاني شين تي 29 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بابت ٽرمپ چيو هو ته ”اسان سان بدترين سلوڪ ڪندڙ چين به ٽيرف کان نه بچي سگهندو.“

اپريل 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو