عوام کي تيل اگهن جي حوالي سان وڏي خوشخبري ملڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه مسلسل گهٽجڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي پر اگهن ۾ لاٿ جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 اپريل کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 12 رپيا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي.