سنڌ جي سراپا سون معدني وسيلن مان فائدو وٺڻ جو سوال
سڪندر چنو
تازو سنڌ جي عظيم تهذيب موهن جو دڙو جي ڀر واري علائقن ڳوٺ بگيءَ ٻنڊي کان ويندي نصيرآباد تائين هڪ ئي پٽيءَ ۾ گئس ۽ تيل جا وڏا ذخيرا هٿ آيا آهن. سنڌ پهريان به وفاق کي 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ روينيو ڏيئي رهي آهي ۽ سنڌ هڪ سوني ڪڪڙ آهي جيڪا هميشه کان وٺي سونا آنا ئي ڏنا آهن. پر انهن آنن مان ٻچا پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي سندس هيٺان سونا آنا کڄي وڃن ٿا. سنڌ خوشحال هوندي به غربت، افلاس، بک، بيروزگاري سان جنگ ڪري رهي آهي. سنڌ کي خوشحال ۽ آسودو ڪرڻ لاءِ ڪنهن به سنجيدگيءَ سان سوچيو ئي ناهي. جيڪڏهن ٿوري به همٿ ڪئي وڃي ۽ واقعي به سنجيدگي سان سوچيو وڃي ته سنڌ پاڪستان ۾ هڪ ماڊل طور سامهون اچي سگهي ٿي. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جنهن به سنڌ ڄائي کي موقعو مليو آهي ان سنڌ کي زخمي ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌو درياهه مان پنجاب جي حدن ۾ سون جا وڏا ذخيرا هٿ آيا آهن. پر انهن جي حاصلات لاءِ حڪمران طبقي سان تعلق رکندڙ قيادت آواز نه اٿاريو آهي. اهي سون جا ذخيرا سنڌو درياهه ۾ موجود آهن. جن جي ٽوٽل ماليت 5 هزار ارب روپيه آهي.
سنڌ جي ڪاري سون ٿر جي ڪوئلي مان روزانه 2400 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ اها بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن مٽياري ۾ جمع ٿي رهي آهي. جتان اها بجلي فيصل نيشنل گرڊ ۾ جمع ٿئي ٿي. ان مان سنڌ واسين کي ڪوبه لاڀ حاصل نه ٿي رهيو آهي. اڄ به سنڌ جون پاور ورهائيندڙ ڪمپنين حيسڪو ۽ سيپڪو جي هزارين ڳوٺن ۾ بجلي ناهي يا وري 24 ڪلاڪن ۾ صرف ٻه ڪلاڪ بجلي ملي رهي آهي. يا وري مورڳو بجلي لائينون ٽٽل ڀڳل آهن. سنڌ حڪومت کي انهن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌ مان قدرتي وسيلن جي ڳولا ڪرائڻ ۽ انهن مان لاڀ حاصل ڪرڻ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ذميواري هجي ٿي. بلڪل ائين جيئن حڪومت پاڪستان مان قدرتي وسيلن جي ڳولا ڪرڻ ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏين ڪمپنين سان معاهدا ڪيا آهن. بلوچستان ۾ سون ۽ ڪاپر جا وڏا وڏا ذخيرا موجود آهن سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا لاتعداد ذخيرا آهن. ڪي پي ڪي ۾ 600 ٽريلين جا ليٿم، ڪاپر ۽ ڪرونائيٽ جا ذخيرا موجود آهن. سنڌ ۾ گڙتل جبل واري علائقي مان ڪافي سالن کان وٺي تيل نڪري رهيو آهي. ۽ يورنيم پڻ نڪري رهي پڻ نڪري رهي آهي. جيڪا ايٽم بم ۾ ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال ٿيندي آهي. سنڌ کي بک ۽ بدحالي جي ور ڌارين نه پر پنهنجن تي ئي چاڙهيو آهي. سنڌ جي وسيلن مان سنڌ جي عوام جي حالت تبديل ڪرڻ پي پي حڪومت جي ذميواري آهي. سنڌ جو هر شهر، ڳوٺ، واهڻ پيئرس ڪٿي آهي؟ سنڌ جي اڪثر ڳوٺن جي بجلي واپڊا جي رهتن سبب ڪٽيل آهي. ڄڻ سنڌ اڄ به پٿر واري دور ۾ ٻڏل آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ترقياتي فنڊن مان ڳوٺن جون واپڊا بقاياجات جمع ڪرائي وڃي ته جيئن ماڻهن کي گرمين جي موسم به بهتر کان بهتر بجلي ملي سگهي. سولر بجلي جو متبادل ضرور آهي پر بجلي جي چمق پنهنجي آهي. بجلي سان سولر جو مقابلو نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم ميان شهباز شريف آرمي چيف سان گڏجي قدرتي وسيلن جي ڳولا لاءِ جيڪو پروگرام جوڙيو آهي اهو بهتر قدم آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترن سالن کان وٺي قدرتي وسيلا زمين ۾ دٻيل آهن. انهن مان ملڪ کي ضرور فائدو حاصل ٿيندو
پاڪستان معاشي طور هن وقت اهڙي لڪير تي اچي پهتو آهي جو پاڪستان کي قدرتي وسيلن مان لاڀ حاصل ڪرڻ تمام ضروري هجي ٿو. پاڪستان ڀارت کان الڳ ٿيڻ کان اڳ اٽڪ جي پسگردائي ۾ تيل جا وڏا ذخيرا هٿ آيا هئا. ۽ اهو ڪچو تيل اٽڪ ريفائري ۾ صاف ٿي رهيو آهي. بلوچستان ۾ سون ۽ ٽامي جا ذخيرا 100 ڪلوميٽرن تان وڇايل آهن. انهن جي قيمت هن وقت 200 ارب ڊالر آهن. بلوچستان جي سئي گئس جي ذخيرن مان زميندارن کي 30 سيڪڙو حصو ملي ٿو. باقي 70 سيڪڙو مان حڪومت ۽ ڪمپنيون ورهائينديون آهن. آسٽريليا جي سون ڳولا ڪندڙ ڪمپني ٻڌايو آهي ته گلگت بلتستان جتان سنڌو دريا وهي ٿو اتان سون جا وڏا وڏا ذخيرا هٿ لڳا آهن. اڳوڻي سفارتڪار حسين عبد الله هارون انڪشاف ڪيو هو ته سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾ تيل جا ايترا ته ذخيرا موجود آهن جو اهڙا ذخيرا سعودي عرب ۽ ڪويت ۾ به ناهن. انهن کي ڪڍڻ جي عمران خان به وڏي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي سامونڊي حدن ۾ هيرا ۽ موتي به موجود آهن. ڀارتي بحري فوج جي ايڊمرل چيو هو ته پاڪستان مڇي مان دنيا جو وڏو آسودو ملڪ بڻجي سگهي ٿو پر پاڪستان کي هلائيندڙ پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان وفادار ۽ سچا ناهن. جيڪڏهن حڪمرانن ۾ وفاداري ۽ سچائي هجي ته پاڪستان دنيا کان هزارين ڀيرا آسودو هجي ها. پر اسين آخرڪار لکون ڪنهن جي لاءِ ٿا؟
اسان جي حڪمرانن جي خدا مت مجهائي ڇڏي آهي. پنهنجن وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ بجاءِ اسان جو وزيراعظم دنيا جي ملڪن جي درن تي ڪستو کڻي پني رهيو آهي ۽ قرضن لاءِ ڀٽڪندو رهي ٿو. سنڌ جي ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي ۽ ان ۾ 2 سيڪڙو اڇو سون ۽ سنڌ ۾ نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي وسيلن کي بهتر نموني استعمال ڪيو وڃي ته سنڌ مٿان ڊالرن جو وسڪارو هوندو. هن وقت گلگلت بلتستان مان 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ ٽرانسميشن لائينون ان جو وزن کڻي ڪونه ٿيون سگهن. سوال ساڳيو ته اها بجلي ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ ماڻهن کي ته بجلي چور واري طوفان ۾ گم ڪيو ويو آهي. ۽ ماڻهن کي بجلي چور جو ڏوهي قرار ڏيندي انهن کان بجلي جي نعمت به ڦري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ هنرمند ۽ پڙهيل لکيل بيروزگارن جو تعداد لکن ۾ آهي.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته عرب ملڪن سان لهر وڇڙ ۾ اچي انهن کي آسان ويزائون وٺي ڏنيون وڃن ته جيئن اهي روزگار سان لڳي وڃن. سنڌ حڪومت کي سنڌ کي آسودو ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻو پوندو. سکڻن دلاسن ڏيڻ يا مختلف ايپس کولڻ سان ڪوبه فرق ناهي پوڻو.
اپريل 13, 2025