آمريڪي ڪانگرس جو ٽه رڪني وفد اسلام آباد پهچي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو ٽه رڪني وفد وفاقي راڄڌاني اسلام آباد پهچي ويو آهي.
سفارتي ذريعن موجب، آمريڪي ڪانگريس جي وفد ۾ جيڪ برگمين ۽ ٽام سوازي پڻ شامل آهي، وفد 15 اپريل تائين پاڪستان جو دورو ڪندو.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو وفد وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو، ان کانسواءِ وفد عليٰ عسڪري قيادت سان به ملندو.
سفارتي ذريعن موجب، آمريڪي وفد معيشت، واپار، دفاعي ۽ لاڳاپن ۽ تعليمي معاملن تي مشاورت ڪندو.
ذريعن موجب، آمريڪي ڪانگريس وفد جي مختلف سياسي جماعتن جي قيادت سان به ملاقات جو امڪان آهي، وفد آزاد ڪمشمير ۽ ايل او سي جو دورو پڻ ڪندو.

اپريل 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو