پ پ انٽرا پارٽي اليڪشن: بلاول بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ٻيهر چئن سالن لاءِ پارٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي.
پارٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، انٽرا پارٽي چونڊون 12 اپريل 2025ع تي اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ ٿيون.
چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي چيئرمين، همايون خان کي سيڪريٽري جنرل، نديم افضل چن کي سيڪريٽري اطلاعات ۽ آمنه پراچا کي سيڪريٽري فنانس طور چونڊيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پارٽي آئين جي تحت چونڊيل سڀ عهديدار 4 سالن جي مدي لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائيندا.

اپريل 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو