پي ايس ايل: بابر عامر هٿان هٿيڪو، ڪوئيٽا جي پشاور کي شڪست

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي ٻي ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پشاور زلمي کي 80 رنسن تان مات ڏيئي ڇڏي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ڪوئيٽا لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيو
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 216 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان سعود شڪيل ۽ فن ايلن وچ ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 88 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
سعود شڪيل 59 ۽ فن ايالن 53 رنسن سان ٽاپ اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ حسن نواز 41، ڪوشل مينڊس 35 ۽ رائيلي روسو 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پشاور زلمي طرفان علي رضا، سفيان مقيم ۽ الزاري جوزف هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ڪوئيٽا جي 217 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي پشاور زلمي جو ڪو به بيٽر وڪيٽ کي گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ پوري ٽيم 136 رنسن تي ڍير ٿي ويئي.
پشاور زلمي جو ڪپتان ۽ تجريبڪار بيٽر بابر اعظم کاتو کولڻ بنا محمد عامر جي بال تي رائيلي روسو هٿان ڪئچ آئوٽ ٿي ويو.
ڊگهي عرصي کانپوءِ ميدان ۾ واپسي ڪندڙ صائم ايوب 50 رنسو ٺاهي سڀ کان اڳرو رهيو، جڏهن ته حسين طلعت 35 ۽ مچل اوون 31 رنسون ٺاهيون.
ڪوئيٽا جي ابرار احمد زلمي جي بيٽرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو ۽ چار شڪار ڪيا، جڏهن ته محمد عامر ۽ عثمان طارق ٻن، ٻن رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
شاندار اسپيل تي ابرار احمد کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

اپريل 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو