ميٽرڪ جي امتحان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو بابت سوال، معاملو اسيمبلي پهچي ويو

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور بورڊ جي ميٽرڪ جي سماجي اڀياس واري پرچي ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تعليمي پاليسي بابت سوال تي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي احمد ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخوا اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو.
ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت تعليمي ايمرجنسي جو نعرو هڻڻ باوجود تعليم جي واڌاري بدران نفرت جي سياست کي هوا ڏئي رهي آهي.
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي تعليمي سڌارن ملڪي تعليمي نظام ۾ انقلابي تبديليون آنديون، ڀٽو شهيد هڪ علم دوست رياست جو خواب ڏٺو هو، جڏهن ته پرچي ۾ هن بابت هٿ ٺوڪيا سوال شامل ڪرڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي.
احمد ڪريم ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت ذوالفقار علي ڀٽو جي تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪري.
ياد رهي ته پشاور بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحان جي پرچي ۾ شاگردن کان ذوالفقار علي ڀٽو جي تعليمي پاليسي جي ناڪامي جا چار سبب لکڻ لاءِ چيو ويو هو.

اپريل 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو