منشيات جي وبا ۾ ورتل لاڙ پٽي ۽ تباھ ٿيندڙ نوجوان نسل
محمد بخش بروھي
سنڌ جيڪا صدين کان سڪون، علم، ادب، تهذيب ۽ محبت جي ڌرتي رهي آهي، اڄ منشيات جي ناسور جو شڪار بڻجي وئي آهي. خاص طور تي ضلعو ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ منشيات جي وبا ان حد تائين پکڙجي چڪي آهي جو هاڻ اها صرف هڪ سماجي مسئلو نه، پر هڪ وڏي انڊسٽري جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. اڄ جي دور ۾ منشيات جو دائرهء ڪار صرف چرس، آفيم يا شراب تائين محدود ناهي رهيو، پر ان ۾ سفينا، Z-21، گٽڪو، مائو، ڪچو شراب/ٺرو، مين پڙي، ۽ ٻيا ڪيترائي خطرناڪ مادا شامل ٿي ويا آهن. اهي نشا خاص طور عورتن ٻارن نوجوان، شاگرد، مزدور، بيروزگار طبقو ۽ اڪثر اڻپڙهيل ماڻھو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا! هي مواد جسماني، ذهني، سماجي ۽ معاشي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن. هزارين نوجوان وات جي ڪينسر، جگر جي بيمارين، دماغي تڪليفن، ۽ نفسياتي بيمارين ۾ ورتل آهن. ڪيترائي ته وقت کان اڳ موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هي ڪاروبار هاڻ ڪنهن غريب جي لڪ ڇپ واري وڪري تائين محدود ناهي، پر هن وقت منشيات وڪرو ڪندڙ ايترا بااثر ٿي چڪا آهن، جو سندن اوطاقن تي سياسي اڳواڻ، آفيسر ۽ صحافي دعوتون کائڻ اچن ٿا. خاص طور تي لاڙ پٽي جي ضلعن ۾ منشيات جو وڪرو عام ٿي چڪو آهي. ھر ننڍي وڏي شھر ۾ گٽڪي ۽ مائي جون ننڍيون فيڪٽريون قائم ٿيل آھن
منشيات جي هن واپار جي واڌ ويجھ ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي اھم رهيو آهي. پوليس جي سرپرستي هيٺ منشيات جا ڊيلر سرِ بازار پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا، جتي پوليس وارا پاڻ ڊيلرن پويان پڇ لٽڪائو بڻيل آهن. جيڪڏھن ڪير ڪم بند ڪري ٿو تـ پوليس مٿس دٻاءُ وجھي کيس ٻيھر ڪم شروع ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. منشيات جا ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل تـ ٿين ٿا پر فارملٽي تحت ننڍن ڪيبين وارن کي چالان ڪري ڪارڪردگي ڏيکاري ويندي آھي پر اھي بـ ٻن ڏينهن اندر آزاد ٿي وڃن ٿا. جڏھن تـ وڏن ڊيلرن ۽ فيڪٽري مالڪن کي پوليس طرفان مڪمل ڇوٽ مليل آھي! گذريل ڪافي سالن دوران ڪنھن به منشيات فروش کي ڪورٽن طرفان ڪا سزا نه ملي سگھي آهي. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ممڪن ٿي رهيو آهي جو پوليس منشيات مافيا جي سرپرستي ڪري رهي ۽ سرڪاري ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهي.
منشيات جي سپلائي لائين: انڊيا کان افغانستان تائين
سفينا , Z-21۽ انڊين پڙيون ڀارت، افغانستان، ايران ۽ بلوچستان جي رستن کان سنڌ تائين سپلائي ٿينديون آهن. ان رستي ۾ ڪيترن ئي چيڪ پوسٽن، چوڪين، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن کي رشوتون ڏئي منشيات سنڌ اندر آندي ويندي آهي. انهن جا حصا اڳواٽ مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ منشيات جو ڪاروبار بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري رهي ٿو.
منشيات جا اھم مرڪزي ضلعا
ٺٽي ضلعي ۾ ١١ پوليس ٿاڻا آھن، سجاول ۾ ٨، ٽنڊو محمد خان ۾ ٧ ۽ ڄامشوري ۾ ٨ پوليس اسٽيشنون آھن. اهي ڳالهيون عام آهن ته، في پوليس ٿاڻو سراسري ماھوار 25 لک ڀتو وصول ڪري ٿو. مطلب صرف پنج ضلعن جا 42 پوليس ٿاڻا ماھوار 10 ڪروڙ روپيا وصول ڪن ٿا ۽ چيڪ پوسٽون، پوليس پوسٽون، سي آءِ اي اسپيشل برانچ وارن جي منٿلي بـ ڪروڙن چئي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪجھ صحافي، وڏيرا ۽ سياسي شخصيتون گڏيل طور پنج کان ٨ ڪروڙ ڀتو اوڳاڙين ٿا.
ڪراچي جي يوسف ڳوٺ واري بس ٽرمينل مان وڏين ڪارن، لينڊ ڪروزر، ويگو گاڏين توڙي ٽرڪن ۾ روزانو سوين گاڏيون منشيات جون ڀرجي سنڌ جي مختلف ضلعن ڏانھن سپلائي ٿينديون آھن! ڪراچي کان موٽر وي ذريعي جوکيا موڙ کان مالماڙي، جنگشاھي رستي ۽ نوري آباد کان جھمپير، جھرڪ رستي ۽ گھگھر ڦاٽڪ کان داٻيچي، گھارو رستي روزانو منشيات جون گاڏيون لاڙ پٽي جي ضلعن ڏانھن وينديون آھن. پوليس جي لائين فڪس ٿيل ھوندي آھي. رستي ۾ ايندڙ ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز انھن گاڏين کي ڪراس ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن.
منشيات جي منافعي بخش ڪاروبار جي ڪري پوليس آفيسر فرمائش تي سڻڀن ٿاڻن تي پوسٽنگ ڪرائين ٿا. سندن سڄو ڌيان منشيات جي ڪاروبار طرف ھوندو آھي. نتيجي طور چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن. ايتري قدر ان ڌنڌي ۾ ڪافي چونڊيل نمائيندا پڻ ملوث ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي ماھوار ڀتو وصول ڪن ٿا! مائو، گٽڪو يا انڊين پڙيون وڌ کان وڌ عورتون ۽ ٻار واپرائين ٿا! افسوس جھڙي ڳالھ آھي ته ھنن شين کي اڃا تائين قانوني طور منشيات واري لسٽ ۾ شامل ئي نـ ڪيو ويو آھي!
اسان جو نوجوان نسل، جيڪو ڪنهن به ملڪ جو اصل سرمايو هوندو آهي، منشيات جھڙي لعنت ۾ ايترو ته ڦاسي چڪو آهي جو سندن مستقبل مڪمل طور تي اونداهين ۾ هليو ويو آهي. اسڪول، ڪاليج، واپاري مرڪز، ڳوٺن جون اوطاقون، بس اسٽينڊ، ۽ واهڻ وستيون منشيات جي وڪري جا اهم مرڪز بڻجي چڪا آهن. گهڻا نوجوان، جن جو مستقبل تعليم، محنت ۽ ترقي سان وابسته هئڻ گهرجي ها، پر ھاڻي منشيات جھڙي لعنت ۾ مبتلا ٿي بيڪار، بيمار ۽ مجرماڻي عمل سان واڳجي چڪا آهن. منشيات سبب سوين گهر اجڙي ويا آهن، عورتن ۽ ٻارن جون زندگيون برباد ٿي ويون آهن ۽ والدين لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي ويا آهن. منشيات جي هن واپار جي پويان بااثر سياسي خاندان، ڪجھ صحافتي ڌريون، ۽ پوليس آفيسر سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. منشيات وڪرو ڪندڙن جي پويان سياسي پارٽين جي پٺڀرائي موجود آهي، جيڪي سندن خلاف ڪارروائي ٿيڻ ئي نٿا ڏين. ڪجهه صحافي منشيات خلاف خبرون ڏيڻ بجاءِ منشيات ڊيلرن سان دوستي رکن ٿا ۽ پئسن جي بدلي سندن وڪالت ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ سچ لکڻ، ڳالهائڻ ۽ ڪردار ادا ڪرڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي.
ڪجھ اھم تجويزون:
* جاڳرتا مھم:
هتي ماڻهن کي خاص طور تي والدين، استادن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن کي اڳتي اچي شعور پيدا ڪرڻ گهرجي. هر ڳوٺ، پاڙي ۽ اسڪول ۾ منشيات خلاف مهم هلائي وڃي.
* قانون تي عملدرآمد:
منشيات جي وڪرو ڪندڙن لاءِ سخت قانون لاڳو ڪري، سندن خلاف تيزيءَ سان ڪيس هلائي سزائون ڏنيون وڃن.
* پوليس نظام ۾ سڌارا
پوليس جي داخلي نظام ۾ شفافيت آندي وڃي. ايماندار آفيسرن کي اڳتي آندو وڃي. مشڪوڪ ۽ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
* علاج جون سهولتون:
منشيات جي عادي ماڻهن لاءِ هر ضلعي ۾ بحالي مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي سندن علاج، نفسياتي تربيت، ۽ روزگار جي تربيت ڏئي کين ٻيهر معاشري جو ڪارائتو فرد بڻايو وڃي.
* تعليم ۽ روزگار جا موقعا:
بيروزگاري منشيات جو وڏو سبب آهي، تنهن ڪري نوجوانن لاءِ تعليم، فني تربيت، ۽ روزگار جا موقعا وڌايا وڃن.
* ميڊيا جو ڪردار:
صحافتي ادارا ايمانداريءَ سان منشيات خلاف آواز بلند ڪن. انهن کي عوام تائين اصل حقيقتون پهچائڻ گهرجن.
منشيات صرف نشو ناهي، پر هڪ موت جو ڪاروبار آهي، جيڪو هر روز اسان جي نسلن کي تباه ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته سڀاڻي شايد اسان جا پنهنجا ٻار به هن ناسور جو شڪار ٿيندا. ان لاءِ هر شهري، والدين، استادن ۽ خاص ڪري هر ذميوار فرد کي منشيات خلاف جدوجهد جو حصو بڻجڻ گهرجي، جيئن ھن ناسور مان جند آجي ٿي سگھي!
اپريل 11, 2025