نوابشاهه: شيعه علماء ڪائونسل پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي تعمير ۽ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاجي ريلي، فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار

Spread the love

نواب شاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان سنڌ صوبي جي صدر علامه ڊاڪٽر اسد اقبال زيدي جي اعلان تي شيعه علماء ڪائونسل نوابشاهه پاران سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنالن جي تعمير خلاف ۽ غاصب ظالم اسرائيل جي خلاف ۽ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ مرڪزي امام بارگاهه کان پريس ڪلب تائين هڪ وڏو احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو،

پريس ڪلب تي مظاهرين کي خطاب ڪندي شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان سنڌ صوبي جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا عطا حسين چانڊيو، مولانا محمد عالم خان مري فیاض حسین طاھر علی جاوید علی راھو سلامت ساجدی آصف حسین الحسینی ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ تي سنڌ جو حق آهي ۽ سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنالن جي تعمير غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير اسلامي آهي،  سنڌو درياهه سان سنڌ جون زمينن آباد ٿينديون آھن،

پاڻي سنڌ جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو آهي، چولستان جي غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر ڪيو پيو وڃي جيڪا حڪمرانن جي بدمعاشي ۽ ناانصافي آھي ۽ ملڪ پاڪستان خلاف هڪ گهري سازش آهي،

سنڌو درياءَ تي 6 واهه ٺاهڻ سنڌ جي عوام برداشت نه ڪندي، ان جي لاءِ ھن غير منصفاڻي فيصلي کي واپس ڪيو وڃي، سنڌ جي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ھنن چيو ته غاصب ظالم اسرائيل آمريڪا جي سرپرستي ۾ مظلوم فلسطينين تي ظلم ۽ بربريت جون حدون پار ڪري چڪو آهي،

ليڪن افسوس آھي ته اقوام متحده سميت انساني حقن جون تنظيمون ۽ اسلامي ملڪ خاموش تماشائي بڻيل آهن، آمريڪا ۽ اسرائيل کي دنيا جي ڪنهن به قانون يا انساني حقن جي پرواهه ناهي، امت مسلمه جا حڪمران آمريڪا ۽ اسرائيل جي خوف ۽ ايران جي بغض جي ڪري مظلومن جي مدد نه ڪري رهيا آھن،

هن چيو ته رب العالمين واعدو ڪيو آهي ته حق جي فتح ٿيندي، انشاءالله ظالم غاصب اسرائيل تباهه ۽ برباد ٿي ويندو ۽ مظلوم فلسطيني ڪامياب ٿيندا، ان موقعي تي سنڌو درياءَ تي ڪئنال نامنظور، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، مرده باد، مرده باد آمريڪا ۽ اسرائيل مرده باد، جنگ رهندي، جنگ رھندي بيت المقدس فلسطينين جي آزادي تائين جنگ جاري رهندي جا نعره هنيا ويا.

اپريل 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو