پنجاب سنڌ جو پاڻي نه پيو چورائي، ڪئنالن تي نالي ماتر قومپرست واويلا ڪري رهيا آهن: راڻا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪئنالن بابت نالي ماتر قومپرست غلط گيم کيڏي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به چوري ناهي ڪندو، معاملو اتفاق راءِ سان حل ٿي ويندو.

هن چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه قومپرست ڌريون ان مسئلي تي واويلا ڪري رهيون آهن، پر وفاقي سرڪار ان مسئلي جي حل لاءِ سنجيدا ۽ جوڳا قدم کڻي رهي آهي.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ان معاملي تي سياسي طور تي حل لاءِ سڀني کي گڏجي مشاورت ڪرڻي پوندي ۽ اسان کي اِها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته مسئلن جو حل ڳالهين ۽ مشاورت ذريعي ممڪن آهي.

اپريل 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو