سائين ايم پرڪاش مهتاڻي جون ساروڻيون

Spread the love

جيئه پرڪاش موراڻي

وقت ڪيڏي تک سان گذري ٿو ان جو اصل پتو وڇوڙن جا وڍ ڏين ٿا ـ جيڪي سڄڻ اڃا ڪالھوڻي ڪالھه اسان جي ساٿ جا سرواڻ ھئا ۽ اوچتو ئي اوچتو روسامو ڪري جو روانا ٿيا ته لڳي ٿو ته اجھو ھن در ھن دري مان جھلڪ ڏيکاريندي چوندا ته ٻڌايو ڪيئن لڳو منهنجو لڪي وڃڻ پر سندن راھ تڪيندي سڄو سارو سال گذري ويو ـ ٽي سئو پنجھٺ ڏينهن لنگهي ويا پر سڄڻن ورايي سار ئي نه لڌي ـ اڄوڪو ئي نڀاڳو ڏينھن ھو جڏهن سڄو ڏينهن سريلي سنگت سان قرب ڪچھري  ڪرڻ بعد گھر ويل اسان جو سونھون سائين ايم پرڪاش مھتاڻي ان منزل جو راھي ٿيو جتان نه ڪو واپس وريو آهي ۽ نه ئي سندن ڪو سنديسو ايندو آهي ـ

 سائين ايم پرڪاش جي سڪيلڌي پٽ راس پرڪاش نياڻي مونا ۽ اسان جي مانواري ڀاڄائي اوشا پرڪاش لاءِ ته اھو ڏينهن قيامت کان گھٽ نه ھو پر سائين جي ڇپر ڇانو ۾ سوين سفر ڪندڙ اسان جي سنگت تي به اھو صدمو وڄ  وانگر ڪريو ـ اسان کي نه ان وقت يقين آيو نه اڄ سال گذرڻ بعد ئي آهي ته ڪو پرڪاش صاحب ايئين اٿي ھليا ويا!!

حيدرآباد وسايو ته ڪلھوڙن ھو پر ان کي آباد ڪرڻ ۽ اوج تي رسائڻ ۾ وڏو ھٿ خدا آبادي عاملن ۽ سنڌ ورڪي ديوانن جو ھو ـ ورھاڱي جي وڍن جتي سنڌ مان ھزارين ھندو ڪٽنبن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو اتي حيدرآباد ته ڄڻ خالي ئي ٿي ويو ـ ان وقت به ھٿ جي آڱرين جيترن ڪٽنبن سنڌ ۽ سنڌو ماتا جي ٿڃ ملھائيندي پنهنجن اباڻن اجھن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو انهن مان ھڪ مھتاڻي ڪٽنب پڻ ھو ـ کانئن سواءِ بمبيئي بيڪري وارو ٿڌاڻي ڪٽنب’ دادي ليلا جو ھرچنداڻي خاندان ۽ پرڪاش صاحب جو ساھراڻو ڪٽنب شامل آهن ـ حيدرآباد جي تلڪ چاڙھي تي موجود فوڪس فوٽو اسٽوڊيو واري گھٽي ۾ شاندار حويلي ۾ رھندڙ ھن خاندان سدائين مذھبي ھم آھنگي’ انسان دوستي’ غريب پروري ۽ سماجي خدمتن واري پنهنجي روش برقرار ۽ جاري رکي ـ ايم پرڪاش صاحب جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سي رميش پنجاب مان ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد حيدرآباد ۾ مريضن جي شفا جو وسيلو بڻيو ـ ھو وڏو عرصو ميمڻ چيريٽيبل اسپتال جو ايم ايس رھيو ـ سندس ايامڪاري ۾ ميمڻ اسپتال جي هنڌين ماڳين ھاڪ ھئي ـ پرڪاش صاحب وري قانون پڙهڻ کي ترجيح ڏني ـ پاڻ ٽي ڀيرا حيدرآباد ضلع ڪايئونسل جو ميمبر رھيو ـ ان کان سواءِ اويڪيو ٽرسٽ پرپرٽي بورڊ’ وزير اعظم ٽاسڪ فورس’ ھيومن رايئيٽس ڪميشن آف پاڪستان’  نيشنل لابنگ ڊيليگيشن سميت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي انساني حقن ۽ اقليتن جي حقن لاءِ جوڙيل اٽڪل ھر ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رھيو ـ ھو اقليتن جي حقن لاءِ پاس ٿيندڙ ۽ اڃا اسميبلين ۾ موجود منارٽي  رائيٽس ڪيمشن لا سميت مختلف قانونن جو خالق ھو ـ

ايم پرڪاش صاحب سدايئين مرڪندڙ ھر ڪنهن کي کلي کيڪاريندڙ ۽ سڀني سان پيار ڪندڙ شخصيت جو مالڪ ھو ان ڪري نه صرف سندن دوستي جو دائرو وسيع ھو پر سندن چاھيندڙن جو انگ پڻ ھزارن ۾ آهي ـ منهنجي ساڻن پھرين ملاقات ته ٽي ڏھاڪا اڳ حيدرآباد ھندو پنچايئت جي ھڪ پروگرام ۾ ٿي ان بعد ملاقاتن جو شروع ٿيل سلسلو سندن وڇوڙي تائين بنا ڪنهن وٿي جي جاري رھيو ـ آخري پندرهن سال ته اين ايل ڊي ۾ اسان سدائين ھم سفر ۽ ھم نشين رھياسين۔ ۔  مون اڌ صدي کان وڌيڪ پنهنجي جيون سفر ۾ ايم پرڪاش صاحب کان وڌيڪ نفيس ماڻهو شايد ئي ڪو ڏٺو ھجي ـ سندن ھر عمر جي فردن سان ھڪجھڙي ھجت ھوندي ھئي ـ ڪچھري  ڪھڙي  به ھجي پر ڪچھري  جو مور سدايئين پاڻ ھوندو ھو ـ پاڻ ڄاڻ جي کاڻ ھو ـ مون کي سندن صحبت مان ايترو ته معلومات جو ذخيرو مليو جو سنڀالي نه سگهجڻ جھڙو آهي ـ پاڻ حيدرآباد جي ته ڄڻ انسايئيڪلو پيڊيا ھيئا ـ شھر جي گلين گھٽين بابت’ ماڻهن ۽ پاڙن بابت’ واقعن ۽ حالتن بابت وٽن اڻکٽ ڄاڻ ھئي جيڪا مون کي ٻڌندي ڪڏهن به اڃ اجھڻ جو احساس نه ٿيو پر وڌ کان وڌ ڄاڻڻ جي آس برقرار رھي۔ ورھاڱي ته کين وطن کان ڌار نه ڪيو پر 88 وارن فسادن ۾ کين پنهنجي ڪروڙن جي حويلي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻي پيئي جنهن جو ڏک کين آخري پل تائين رھيو ـ انهن فسادن بعد پاڻ لڏي وڃي ڀٽايئي نگر وسايو پر اتي کين تلڪ چاڙي وارو چس آخر تائين نه آيو جنهن جو ذڪر پاڻ اڪثر ڪندا ھئا۔

پرڪاش صاحب سياست ۾ پڻ پنهنجو وارو وڄايو ـ شھيد ڀٽي سان ملاقات بعد جو سندن عشق شروع ٿيو ته پاڻ زندگي ڀر ڪڏهن به ٻي در نه واجھايو پر ان باوجود ھر پارٽي سان لاڳاپو رکندڙ ليڊر کين پنهنجو سمجھندا ھئا ۽ پاڻ به ھر سياسي فنڪشن جو  سينگار بڻبا رھيا ـ انساني ۽ اقليتي حقن لاءِ سندن خدمتون ته ڳڻڻ کان گھڻيون آهن پر يوسف رضا گيلاني جي وزير اعظم ھجڻ وقت اقليتن لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا کي صوبائي سطح تي لاڳو ڪرڻ لاءِ ايوان صدر ۾ اقليتن جي ڏھاڙي تي پاڻ جيڪو اسٽيج تان مطالبو ڪيو ۽ ان يئي تقريب ۾ وزير اعظم ان تي عمل جو اعلان ڪيو ان جو کٽيو اڄ ھزارين اقليتي نوجوان مختلف نوڪريون ماڻي رھيا آهن ـ

مون سميت سندن ويجهو رھيل ھر فرد جي اھا دعويٰ آهي ته پرڪاش صاحب ساڻن سڀني کان وڌيڪ پيار ڪندو ھو ۽ اھي سڀ سچ ٿا چون۔  مون ڇاڪاڻ ته ڀريا پندرهن سال نه رڳو ساڻن گڏ سفر ڪيو پر پاڪستان جي ھر شھر ۾ رھڻ دوران ساڻن روم پڻ شيئر ڪيو ـ اسان جي چوڪڙي ۾ گرو جي ڪرشن شرما ۽ وير ڊاڪٽر  ڪلياڻ سنگھ ڪلياڻ جو اڻٽٽ ۽ اڻمٽ ساٿ سدائين شامل رھيو ـ قرب ڪچھرين ۾ ڪرسي تي ويٺل پرڪاش صاحب اسان ٽنھي کي گھر جو اھو وڏو لڳندو ھو جنهن آڏو اوھان ھر قسم جون چلولايون ڪري سگههو ٿا’ جنهن سان اوھان پنهنجو ھر ڏک سک ونڊي سگهو ٿا ۽ جنھن سان اوھان ھر قسم جي ھجت ڪري سگههو ٿا ۽ ھو پڻ اوھان جو سموريون ارڏايون ڏسي پڻ کلي کيڪاريندو ھو ۽ اوھان جي ھر درد جو درمان پڻ وٽس موجود ھوندو ھو ـ

سڀ ڄاڻون ٿا ته زندگي ھڪ سفر آهي جنهن ۾ ھر مسافر جي اسٽيشن طئه ٿيل آهي جتي لھي کسي باقي مسافرن کان موڪلاڻي  ڪرڻي آهي ـ ڪو اڳ ڪو پوءِ لھندو پر ڪجهه ھمسفر اھڙا ھوندا آهن جيڪي زندگي جا گاڏي مان ڀلي لھي ھليا وڃن پر ھينئين ۾ ھميشھ  ھرندا آهن ـ پرڪاش  صاحب جي وڇوڙي کي اڄ ڀريو ھڪ ورھيه گذري ويو پر سندن موجودگي جو احساس ھر پل موجود آهي ـ سندن ٻڌايل ڳالھيون’ سندن ڪيل نصيحتون ۽ سندن ڏسيل گس اسان لاءِ مشعل راھ آهن  ـ جيستائين جييئرا رھنداسين سندن ڏسيل راھ تي ھلڻ جي ڪوشش ڪندا رھنداسين ـ

دعا آهي ته ٻاجھاري جي ٻاجهه سدايئين مٿن رھي ۽ کين عرش ۾ اعليٰ مقام ملي ـ گڏو گڏ اھا به دعا آهي ته پياري راس مھتاڻي ۽ سندن ڪٽنب کي اھو صدمو سھڻ جي سگهه سان گڏ پنهنجي والد محترم جي روايتن تي ڪاربند رھڻ جو حوصلو ملي ـ

اپريل 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو