صائم ايوب پي ايس ايل کيڏندو يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جو ڏهون ايڊيشن 11 اپريل کان شروع ٿيندو ۽ ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خوشي جي خبر اِها آهي ته اوپنر صائم ايوب مڪمل طور تي فٽ ٿي ٽورنامينٽ ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيڪل پئنل صائم ايوب کي پي ايس ايل کيڏڻ لاءِ فٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، صائم ايوب پشاور زلمي کي جوائن ڪندو، جڏهن ته زلمي جا رانديگر اسلام آباد ۾ ٽريننگ شروع سيشن ڪندا، بابر اعظم نيوزيلينڊ مان واپسي تي ٽيم ۾ شامل ٿيندو.
واضح رهي ته صائم ايوب گذريل سال ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران انجري جو شڪار ٿي ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو هو. لنڊن ۾ علاج ۽ ريهيب مڪمل ڪري عيد تي ڪراچي واپس موٽي آيو هو.
پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن جا مقابلا 11 اپريل کان شروع ٿيندا، جڏهن ته 18 مئي تي ٽورنامينٽ جون ٻه ٽاپ ٽيمون ٽائٽل ماڻڻ لاءِ آخري ويڙهه وڙهنديون.
ٽورنامينٽ جون ميچون ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ شيڊيول آهن.