جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي هوٽل ۾ باهه لڳي وئي

رباط (ويب ڊيسڪ) مراڪش شهر جي علائقي الحمرا ۾ جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي هوٽل ۾ باهه لڳي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب باهه هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ لڳي، جنهن سبب مهمانن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو.
اطلاع تي سول ڊفينس جا اهلڪار پهچي ويا ۽ انهن باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
في الحال باهه سان ٿيندڙ نقصان جا تفصيل ناهن ٻڌايا ويا، جڏهن ته مرمت لاءِ هوٽل کي بند ڪيو ويو آهي.