ڊاڪٽر زيد پيرزادي جي شاعري جي ڪتاب ”سمجھه“ جو اڀياس

Spread the love

ساجد مسڻ

حصو ٻيو ۽ آخري

وري نثري نظم ۾ شاعر ڏس ڪئين ٿو سماج جو الٽرا سائونڊ ڪري، ڪئين ٿو ماڻهن جي روين کي ظاهر ڪري، بظاهر ماڻهو سٺو ڳالهائيندا آهن، سٺو لکندا آهن، سٺيون هدايتون ۽ نصيحتون ڏيندا آهن، پر عملي طور مُلن وانگر کُٽل هوندا آهن. شاعر انهن جي منافقي واري پهلو کي ڪيڏو نه چڱيءَ ۽ چٽيءَ  طرح ظاهر ڪيو آهي.

سماج جا مجرم

هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن،

هڪڙا ماڻهو گند ڪندا آهن.

هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن

هڪڙا ڪمن ۾ رنڊڪون وجهندا آهن

هونئن ننڊ اگھور ستل هوندا

جئين ئي ڪم ٿيندو اٿي کڙا ٿيندا آهن

جيڪو ڪم ڪندو

ان ۾ پيا نقص ڳڻائيندا آهن

نه پاڻ ڪم ڪندا آهن

نه ٻين کي ڪم ڪرڻ ڏيندا آهن

ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ وڌل رنڊڪون

کين سماج جو مجرم بڻائي ڇڏينديون آهن

هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن

هڪڙا ماڻهو گند ڪندا آهن.

هن نظم ۾ پڻ شاعر ماڻهن جي روين، سوچن ۽ عملن کي ننديو آهي، اسان جي سماج ۾ به اهڙا ڪيترائي ئي ماڻهو موجود آهن، جن جو ذڪر شاعر هن نثري نظم سماج جا مجرم ۾ بخوبي ڪيو آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو کي حقيقت پسند، اعتدال پسند، غير جانبدارانه طور زندگي گذارڻ گهرجي، جهڙو ماڻهو هجي، اهڙو ئي سندس عمل به هجڻ گهرجي.

سا دنيا گذري وئي

سا دنيا گذري وئي

جنهن ۾ اوهان پيدا ٿيا هيو

هڪ نئين دنيا سامهون آهي!

جنهن شخص سان

پهريون ڀيرو ملو ٿا

تنهن سان ته اوهان

ڪيترائي ڀيرا ملي چڪا آهيو

خريداريءَ لاءِ کيسي ۾

نوٽ هجڻ ضروري نه آهن!

ميٽنگ ڪرڻ لاءِ

آفيس پهچڻ جي ضرورت ناهي رهي!

خريداري لاءِ پيرن سان رلڻ بدران

آڱرين سان رلڻ ڪافي آهي!

بجلي گئس پاڻي جا بل

موبائيلون ڀري ٿيون اچن!

رستو ڏٺل به نه هجي

منزل تي آسانيءَ سان پهچي ٿو سگهجي!

پنهنجي منهن کلندڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو

هاڻي چريا نه ٿا لڳن!

دوڪان کولڻ لاءِ

دوڪان جي ضرورت ئي ناهي

رت ليبارٽري ڏئي اچجي ٿو

رپورٽ گهر هلي ٿي اچي!

ڪتابن جي ڪٻٽن کان وڌيڪ ڪتاب

موبائيل جي ڇهن انچن جي اسڪرين اندر ماپي ٿا وڃن!

آڪسفورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر جو ليڪچر

ڳوٺ جي اوطاق ۾ اٽينڊ ڪري ٿو سگهجي!

پاڻ کي غريب، ننڌڻڪو، مجبور، بيوس پيا سمجهو ۽

دنيا سڄي اوهان جي کيسي اندر پئي آهي!!!

هن نظم ۾ شاعر روايتي زندگيءَ کان هٽي غير روايتي زندگي گذارڻ جا گس ڏنا آهن ۽ جديد طريقي سان گذارڻ جا ڏس ڏنا آهن.اها حقيقت آهي ته هر دور ۾ وقت ۽ حالات مٽجندا رهيا آهن، ائين ئي شاعر به ماڻهو کي وقت ئي حالات سان گڏ هلڻ ۽ رهڻ جا طور طريقا استعمال ڪرڻ سيکاريا آهن.

نثري نظم-زندگي

زندگي اها ئي ته آهي

ڪنهن ڏينهن جي ايتري بس خبر

زيد به موڪلائي ويو!

مونکي خوشي سان گڏ حيرت به ٿي آهي جو شاعر زندگي واري نظم ۾ پاڻ کي به فاني دنيا ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حقيقت کي به مڃيو آهي ته زندگي به ايتري آهي جو ماڻهو ائين ئي چوندا ته زيد به موڪلائي ويو.

انهيءَ کان علاوه سندس نظم پاڻ سان ڳالهائڻ، ماڻهو ۽ ڳالهھ، اميدن جي ناڪامي، نئون دور، نوان مطلب سوچ جي نظر، سمجهو نه ٿا اڄ سٺو وقت آهي، تصور جي دنيا پڙهڻ جهڙن نظم آهن، جن تي پڻ لکي سگهجي ٿو، پر مضمون وڌي وڃڻ ڪري هتي انهن نظمن تي تفصيلي ڳالهائي نه ٿو سگهجي.

سنڌ جي ناليواري شاعر اياز گل سندس شاعري واري ڪتاب سمجھ تي بئڪ ٽائيٽل لکيو آهي.  لکي ٿو ته “زيد پيرزادي جي نظمن ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو زندگيءَ ۾ آهي، سڄڻ ساڻيھُ، ساڇاههَ، سياسي سمجهداري، جذبا، احساس، اذيتون، خوشيون ۽ خوشبوئون ۽ سڀ کان خاص ڳالهه ته انهن سڀني کي گڏي ڪاميابيءَ سان پنهنجي ڳالھ ڪري وڃڻ جو نانءُ.”

اياز گل جي مطابق ته ڊاڪٽر زيد هن شاعري واري ڪتاب ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل سڀني موضوعن، لاهن چاڙهن، مشاهدن ۽ تجربن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.

هي ڪتاب سنڌ جي هر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

مارچ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو