فارميٽ تبديل، پر ٽيم جا لڇڻ ساڳيا، پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان پهرين ون ڊي ۾ 73 رنسن تان شڪست

نيپيئر (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پاڪستان کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 73 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
نيپيئر ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهيون، مارڪ چيپمين 111 بالن تي 132 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي .
نيوزيلينڊ طرفان ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ پاڪستان ڄائي محمد ارسلان عباس تيزي سان 26 بالن تي ر 52 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 3 چوڪا شامل هئا.
پاڪستان طرفان عرفان خان 3، جڏهن ته حارث رئوف ۽ عاقف جاويد 2-2 وڪيٽون ورتيون.
نيوزيلينڊ جي 345 رنسن جي هدف جي جواب م پاڪستان جي شروعات سٺي رهي، جتي اوپنرن 83 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
عثمان خان 33 بالن تي 38 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٽيم جي مجموعي اسڪور ۾پنج رنسن جي واڌاري کانپوءِ عبدالله شفيق به پويلين موٽي ويو.
بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٽِين وڪيٽ لاءِ 78 رنسون جوڙيون. ڪپتان محمد رضوان 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
بابر اعظم 2016 کانپوءِ نيوزيلينڊ خلاف سندن سرزمين تي ون ڊي ميچن ۾ پهرين ففٽي اسڪور ڪئي ۽ 83 بالن تي 78 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته سلمان علي آغا 58 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
بابر اعظم جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني بيٽرن جي لائين لڳي وئي ۽ آخري ڇهه بيٽر ٽيم جي ٽوٽل ۾ رڳو 22 رنسن جي اضافو ڪري سگهيون.
مارڪ چيپمين کي شاندار سينچري تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز نيوزيلينڊ 1-4 تان پنهنجي نالي ڪئي هئي.