ڪيوي ڪپتان ٽام ليٿم پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر

Spread the love

ڪرائسٽ چرچ( ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ٽام ليٿم انجري سبب پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز نه کيڏي سگهندو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پريڪٽس دوران ٽام ليٿم کي هٿ ۾ فريڪچر ٿيو، جنهن سبب هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني لاءِ ڪرڪيٽ ميدانن کان پري رهندو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ مائيڪل بريسويل ون ڊي سيريز ۾ به ٽيم جي قيادت جاري رکندو.
ان کانسواءِ ٽام ليٿم جي غير موجودگي ۾ هينري نڪولس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رائس ماريو کي بيٽنگ ڪور طور شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجو ون ڊي ڊيبيو ڪندو.

مارچ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو