بلوچستان  ھِتان کان نظر نٿو اچي

Spread the love

اشرف جهانگير قاضي

 بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي کان پوءِ  تازو ئي آرمي چيف پارليامينٽ کي خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي ويڙھاڪن سان  مقابلي ڪرڻ لاءِ ‘ھارڊ  اسٽيٽ ‘ ۾ تبديل ٿيڻو پوندو. آرمي چيف پڇيو ته آخر ڪيستائين هڪ ‘سافٽ اسٽيٽ ‘ اڻ ڳڻيون حياتيون قربان ڪندي رھندي ۽ ڪيستائين گورننس جون خاميون سپاهين ۽ شهيدن جي رت سان ختم ڪبيون رهبيون. عالمي برادري پڻ ان واقعي کي دھشتگردي قرار ڏيندي مذمت ڪئي، بھرحال ڏوھي عملن سميت انساني عملن جو ھڪ پسمنظر ھوندو آھي. جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته اهي عمل ۽ رويا ٻيهر نه ورجايا وڃن. بلوچستان ۾ائين ڪڏھن بھ نه ٿيو آهي. آزاديءَ کان وٺي، ان تي سرعام يا ڳجھي نموني مرڪز جي حڪمراني رھي آهي. هر قسم جي ڦرلٽ، انساني ۽ سياسي حقن کان انڪار  خلاف احتجاجن کي غداري جوڳو سمجھيو ويندو رھيو آهي ۽ مايوسي جي عالم ۾ اھي  احتجاج  بغاوت جو سبب بڻجن ٿا، ته انهن کي بغاوت، غداري ۽ دهشتگردي قرار ڏئي ڪري بي رحمي سان چٿيو  ويندو آهي.

گذريل ڏهاڪن ۾ مارجي ويل، اپاھج ۽ زخمي، تشدد جو شڪار ، گم ٿيل، هميشه لاءِ صدمي ۾ مبتلا ٿيندڙ بلوچ خاندانن ۽ لڳ ڀڳ تلافي نھ ٿي سگھندڙ تنھا ڪيل بلوچ دانشورن جو تعداد شايد لکن تائين پهچي چڪو آهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ معتبر بلوچ اڳواڻ عطاءُ الله مينگل جي پٽ ۽ وچٿري نقطھ نظر رکندڙ شخصيت اختر مينگل خبردار ڪيو آهي ته اڄ بلوچستان جي صورتحال پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. وڌيڪ اھو تھ بلوچن جي تنھائي پشتونن جي وڌندڙ اڪيلائي سان سلھاڙيل آهي. جنھن سان اھو مسئلو ڪنهن به فوجي حل کان گهڻو اڳتي نڪري  وڃي ٿو.لڳاتار  فوجي ڪارروائي رڳو پاڙيسرين کي وچ ۾ پوڻ لاءِ موقعا ۽ رستا  وڌائڻ ۾ مدد مھيا ڪنديون، نتيجي ۾ صورتحال  نيٺ ضابطي کان ٻاهر ٿي ويندي.

پنجاب جا موقعي پرست سياستدان چوندا هئا ته ”بلوچستان ھتان کان نظر نٿو اچي.“ انهيءَ رويي جي ڪري مسئلو وڌندو ويو ۽ اڄ سڄو پاڪستان ”بلوچستان“ بڻجي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان کي ”گريٽر پنجاب“ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. آخري ڀيرو جڏهن ”گريٽر پنجاب“ کي ون يونٽ جي صورت ۾ مڙھڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي، ته ان پاڪستان ٽٽي ويو. ُان ڪري، اسان جي قومي سطح تي فيصلي ڪندڙن کي اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته غير دانشمنداڻي پاليسين جي ٿوري مدي  جا فائدا ٿي سگهن ٿا پر ڊگهي مدي جا نتيجا وڌيڪ سنگين ۽ پورائي نھ سگھڻ جھڙا هوندا. بدقسمتي سان، هڪ ملڪ جي حيثيت سان، اسان ڪڏهن به نه ٿا سکون يا اسان کي پنھنجي گھڻين ئي تباھين مان سکڻ  نھ ڏنو ويندو آھي.

‘سافٽ اسٽيٽ ‘  جو تصور سوئيڊن جي معاشيات ۽ عمرانيات جي ماھر گنار ميرڊال پيش ڪيو ھو. جنهن 1968ع ۾ پنهنجي مشهور ڪتاب ”ايشين ڊراما“ لکيو ھو. ”سافٽ اسٽيٽ “ جو اھو تصور هاڻي ”ناڪام اسٽيٽ “ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ميرڊل ھڪ سافٽ اسٽيٽ  جي تعريف اھري طرح ڪئي تھ ”ڪمزور حڪمراني، اثرائتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي کوٽ ۽ عمومي سماجي ۽ سياسي بد نظمي “. اھو  تصور لڳ ڀڳ اڄ جي پاڪستان جي سياسي صورتحال کي بيان ڪري ٿو. پيچيده سياسي چئلينجن کي حل ڪرڻ لاءِ طاقت جي استعمال تي ڀاڙڻ ھڪ مضبوط يا سخت رياست جي نشاني نھ آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ھڪ ڪمزور سافٽ اسٽيٽ جي علامت  آهي جيڪا پنهنجن ئي شهرين جي خلاف رياستي طاقت جي غير لاڳاپيل مظاهري سان اهڙن مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ کان پاسيري آهي.

ميرڊل لکي ٿو ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾، سماجي ۽ معاشي انقلاب  جي ضرورت بابت ڳالهائڻ جي باوجود، پاليسي ٺاھيندڙ  ”روايتي سماجي نظام ٽٽڻ کان بچائڻ  لاءِ تمام احتياط سان قدم کڻندا آهن.“ نتيجي طور ” اهي ملڪ سافٽ اسٽيٽ“ بڻجي رھن ٿا، جيڪي اھو حاصل نٿا ڪري سگهن جيڪو انهن کي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪا ڳالهھ سماج ۽ معيشت لاءِ درست آهي اها قوم جي تعمير تي به لاڳو ٿئي ٿي. ”يونٽي آف ڪمانڊ“ جو فوجي نقطھ نظر ڪڏهن به پيچيده تاريخي، سڃاڻپ، طبقاتي ٽڪراءَ، وسيلن جي ورڇ، سماجي سياسي ۽ ادارتي چئلينجن کي حل نٿو ڪري سگهي. اهو ڏيکاءَ  آھي ته اهو ان کي حل ڪري سگهي ٿو.حقيقت ۾ هڪ سافٽ نه ٿو ڪري سگهندڙ رياست  جي علامت آهي، جيڪا پاڻ کي هڪ سخت ”ڪري سگهندڙ“ رياست  طور پيش ڪري رھي آھي.سٺ سالن کان پوءِ، هندستان ڏکڻ ايشيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو مڪمل طور تي نھ تھ وڏي پيماني تي ھڪ ”سافٽ اسٽيٽ “ سنڊروم مان ٻاھر نڪري آيو آهي. الميو ھي آهي ته پاڪستان ان ۾ ڦاٿو پيو آهي.

2011  ۾پروفيسر اناطول ليوين پنهنجو ڪتاب ”پاڪستان: اي ھارڊ ڪنٽري“ شايع ڪيو ھو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي ڪتاب جو نعم البدل عنوان  ”هڪ ملڪ جو نوحو“ رکڻ تي غور ڪيو. پاڪستان بابت سندس بيان ڪيل ڳالھيون اڃان بھ لاڳو ٿين ٿيون ، يعني”ورهايل، غير منظم، معاشي طور تي پٺتي پيل، بدعنوان،  پرتشدد پسند، ناانصافي، اڪثرغريبن ۽ عورتن تي وحشياڻو ظلم ڪندڙ ۽ انتهاپسندي جي انتھائي خطرناڪ قسم ۽ دهشتگردي جو گھر“. جيتوڻيڪ آمريڪا جي ”دهشتگردي جي خلاف جنگ“ ۾ پاڪستان جي شرڪت دهشتگردي جي فوري خطري کي گهٽايو، پر اھا شرڪت دهشتگردي جي گهري سببن کي ختم ڪرڻ  ۾ ناڪام رھي. نتيجي ۾ اسين ُاتي جو ُاتي آهيون. پروفيسر اناطول ليوين جي مطابق، جيتوڻيڪ رياست پاڪستان  نرم يعني سافٽ آهي، پر ان جو سماج سخت ۽ جابر آهي. اهو بنيادي تبديلي جي خلاف مزاحمت ڪري ٿو. پروفيسر اناطول ليوين تجويز ڏئي ٿو ته هي سماج ڪنهن قسم جي ھيٺين سطح جي توازن ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته اھا ھيٺين سطح جي لچڪ رياست جي ڪنهن به ڪوشش جي بدران پاڪستان جي بقا کي يقيني بڻائي ٿي. ڪو پڇي سگھي ٿو، ڇا هي نعمت آهي يا لعنت؟ هي صورتحال هڪ چيني چوڻي ياد ڏياري ٿي، ”توهان دلچسپ وقت ۾ زندھ  رهو!“  ۽ پاڪستان ۾ اسين واقعي دلچسپ پر بي اعتبار وقت ۾ رهون پيا.

جيئن ته ”بليٽن آف اٽامڪ سائنٽسٽس“ جي سالياني رپورٽن ۾ لکيل آھي تھ  اڄ دنيا کي پيش ايندڙ گڏيل مربوط چئلينج  ۾ موسمياتي ڦيرڦار ۽ ان جا نتيجا، ايٽمي جنگ جو خطرو، ايندڙ وبائي مرض، غير منظم مصنوعي ذهانت جي ترقي، آمريڪا ۽ يورپ ۾ فاشسٽ، نسل پرست ۽ انتهائي ساڄي ڌر جي قبضي جي نتيجي ۾ وڌندڙجمهوري خسارو، وچ اوڀر ۾ اسرائيل پاران لاڳو ڪيل نسل ڪشي جون پاليسيون،۽ جينوسائيڊ واچ جون ٻھ ” نسل ڪشي الرٽس“ مطابق هندستان پاران ڏکڻ ايشيا ۾ پيدا ٿيندڙ خطرو شامل آهن. هڪ ناڪام رياست، چاهي ان جو سبب ڪمزور رياست يا سخت سماج ھجي. جي ڊگهي مدي جي بقا جو ڪو به امڪان نھ آھي. جنهن ڳالھھ جي سخت ضرورت آهي اها آهي نيلسن منڊيلا جهڙي شروعات  ڪرڻ آھي.تھ جئين  ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ۽ قومي مفاهمت قائم ڪري سگھجي ان سلسلي ۾ زور اسان جي افسوسناڪ ماضي کي پوئتي ڇڏڻ ۽ ماڻهن کي ذميوار بڻائڻ تي هوندو، پر انفرادي سطح تي فردن جي خلاف  ماضي جي ڏوهن جي الزام ۾ مٿن ڪيس هلائڻ تي نھ ھوندو. اها گھڻن ئي متاثرن لاءِ قبولڻ جھڙي نٿي، ٿي سگهي، پر ان  سان 8 فيبروري 2024 تي قوم سان ڪيل گهري غلطي جي تلافي ڪرڻ جي ڪنهن به خوف کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ سول بالادستي، عدالتي ۽ پارلياماني آزادي، لازمي سماجي، اقتصادي سڌارا، ۽ اڻ لچڪدار آئيني ۽ جمهوري حڪمراني تي سمجهوتو ڪرڻ کاسواءِ فوج جي اميج  بحال ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي آزادي جي هن رستي ۾ ڪو به هارائڻ وارو  نه هجڻ گهرجي.

مارچ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو