نيوزيلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست، ” پاڪستان ڪرڪيٽ ڇو کيڏي رهيو آهي ؟ “

Spread the love

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست ڏئي سيريز 1-4 تان کٽي ورتي.
ويلنگٽن ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل بريسويل ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان ٽيم جي بيٽرن هڪ ڀيرو ٻيهر مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري.
حسن نواز هڪ ڀيرو ٻيهر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو، محمد حارث به 11 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، عمير يوسف ۽ عثمان خان 7-7 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عبدالصمد 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان موقعي تي ڪپتان سلمان آغا ۽ شاداب خان ٽيم کي سهارو ڏنو، سلمان آغا 51 ۽ شاداب خان 28 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جهانداد خان هڪ رنس ٺاهي، سفيان مقيم کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، حارث رئوف 6 ۽ محمد علي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ طرفان جيمز نيشم بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا، جيڪب ڊفي 2، بين سيئرز ۽ اش سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ گهربل هدف رڳو 10 اوورن ۾ ٻن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
ٽم سيفرٽ 97 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، فن ايلن 27، چيپمين 3، ڊيرل مچل 2 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ٻئي وڪيٽون سفيان مقيم ورتيون.
ميچ جو بهترين رانديگر جيمز نيشم ۽ سيريز جو بهترين رانديگر ٽم سيفرٽ کي قرار ڏنو ويو.
سيريز ۾ شڪست بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم مئنيجمينٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر سوال اٿڻ لڳا، جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدار ٽيم جي مسلسل خراب ڪارڪردگي تي تبصرا رهيا آهن.
صحافي عبدالغفار ٽيم مئنيجمينٽ تي تنقيد ڪندي لکيو ته ”سفيان مقيم کي شروعاتي چئن ميچن ۾ موقعو ئي نه ڏنو ويو، عجيب مئنيجمينٽ آهي.“
عبدالله ظفر تبصرو ڪيو ته” مڃيو يا نه مڃيو، پنهنجي بدترين ڏينهن تي به بابر اعظم هنن نوجوان رانديگرن کان بهتر آهي. “
وحيد ملڪ لکيو ته ”سون جي ڳولا ۾ اسان هيرو وڃائي ڇڏيوسين. “
هڪ واهپيدار مايوسيءَ جو اظهار ڪندي لکيو ته” اسان ڪرڪيٽ ڇو کيڏي رهيا آهيون؟ “
فرحان سڪندر ٺٺول ڪندي لکيو ته ” جديد دور جي ڪرڪيٽ ڪهڙي چئنل تي هلي رهي آهي؟ “
ڪرڪ فلو نالي اڪائونٽ شاداب ۽ سفيان جو مقابلو ڪندي لکيو ته” فرق چيڪ ڪريو، اهڙي ميچ ۾ جتي سڀني کي ڪٽڪو مليو، سفيان مقيم خلاف کيڏڻ مشڪل هو.“
مرزا اقبال بيگ چيو ته ” هي اسڪول جا ٻار بالنگ ڪري رهيا آهن يا انٽرنيشنل رانديگر؟
هڪ ٻئي واهپيدار حسن نواز جي غير مستقل مزاجي تي لکيو ته ” يا ته 100 آهي يا ٻڙي آهي.“
واضح رهي ته حسن نواز پنجن ميچن ۾ هڪ سينچري اسڪور ڪئي، ٽي ڀيرا کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو، هو آخري ميچ ۾ به رڳو هڪ رنس ٺاهي سگهيو.

مارچ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو