ملير جي 69 ارب رپين جي ملڪيت تي وفاق جو ڌاڙو

Spread the love

سيد يوسف شاهه

وفاق جي نالي ۾ سنڌ جي پاڻي زمينن ۽ ملڪيتن کي زوريءَ ڦٻائڻ جو سلسلو بند نه ٿيو. تازو ملير، سنڌ جي 190 پائونڊ يعني 69 ارب، ھڪ ڪروڙ ۽ 56 لکن جي ملڪيت مان وزير اعظم پاران اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ياد ھجي ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت، غير قانوني طور ملڪ رياض کي بحريا ٽائون ٺاھڻ لاءِ سنڌ جي ضلعي ملير ڪراچيءَ ۾ ھزارين ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ھئي، جنھن تي ملير جي عوام وڏا احتجاجي مظاھرا ڪيا پر حڪومت سندن ھڪ به نه ٻُڌي، آخر سپريم ڪورٽ ضلعي ملير ڪراچيءَ ۾ بحريا ٽائون لاءِ الاٽ ٿيندڙ زمينن کي غيرقانوني قرار ڏيندي، ملڪ رياض تي ڏنڊ رکيو. ٻئي پاسي برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي ملڪ رياض کان 190 ملين پائونڊن جي رقم وصول ڪري، پاڪستان موڪلي، جيڪا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪئي ويئي. جيڪا موجودہ چيف جسٽس وفاقي حڪومت کي ڏني ۽ وزير اعظم ملير جي زمينن جي ان رقم مان اسلام آباد ۾ يونيورسٽي تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پر ان ظلم خلاف پيپلز پارٽي ڪوبه آواز نه اٿاريو. اسان جيڪڏھن احتجاج ٿا ڪريون ته چيو وڃي ٿو ته پنجاب به پاڪستان آھي، اسان به پڇون ٿا ته ڇا سنڌ پاڪستان نه آھي، ڇا اسان پاڪستاني نه آھيون، ڇا اسان انسان نه آھيون، ڇا اسان کي اسان جا پنھنجا وسيلا استعمال ڪندي، خوشحال زندگي گذارڻ جو حق نه آھي، ڇا اسان جي ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق نه آھي، ڇا پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ ھڪ ڀيرو به پنجاب جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا ويا آھن ؟

جڏھن سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌي قوم شديد ڪاوڙ جو اظھار ڪري رھي آھي، ته اھڙين حالتن ۾ سنڌوءَ مان وڌيڪ ٽي ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ۽ ضلعي ملير سنڌ جا 69 ارب رپيا ڦٻائي، حڪمران اسان کي سڌو سنئون اھو پيغام ڏيئي رھيا آھن، ته ھُنن وٽ سنڌين جي ڪنھن به احتجاج يا مطالبي جي ڪابه اھميت يا وقعت نه آھي، سنڌ ھُنن جو فتح ٿيل علائقو ۽ ڪالوني آھي ۽ سنڌي سنڌن غلام آھن ۽ غلامن کي پنھنجا حقَ گهرڻ جو ڪوبه اختيار ناھي ھوندو. اھوئي سبب آھي، جو سنڌين جي چونڊيل حڪمران سڏائيندڙ به احتجاج ڪندڙ سنڌ جي نياڻين، شاگردن ۽ معصوم ٻارڙن تي ڏنڊا وسائي رھيا آھن. اھوئي سبب آھي جو پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ”وفاق“ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن، معدنيات، روينيو تيل ، گئس ڪوئلي ۽ ٻين سمورن قدرتي وسيلن تي غيرقانوني قبضا ڪيا ويا آھن. جنھن 73 واري آئين جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، اھو 48 سال اڳ ئي غير مؤثر ٿي چڪو آهي.  تڏھن ته خود آئين جي خالق شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، شھيد بينظير ڀٽو کي لکيل آخري خط ۾ واضح ڪيو آھي ته ” اھا قانوني پوزيشن آھي ته 73 وارو آئين مري چڪو آھي، اھو دليل مسخري ھوندو ته 73 وارو آئين اڃا به باقي آھي. پاڪستان 1947 واري پوزيشن تي اچي ويو آھي، جيڪو 1935 واري برٽش قانون تحت وجود ۾ آيو ھو. ھاڻي ننڊيون قومون سوچينديون ته سندن آزادي ۽ حقِ خود اراديت کي ڪوڙن وعدن ذريعي ڌوڪي سان ڦٻايو ويو آھي.“ ڏينھن رات عوام سان ٺڳي ڪندي ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا ھڻڻ وارا سندن ئي ڇپائيل ڪتاب ( My Dearest Daughter ) پڙھي ڏسن.

حقيقت ظلم ۽ نا انصافيون اڳي کان وڌيڪ جاري آھن. ڪڏھن ”ڪالا باغ ڊيم“ ٺاھڻ جا سانڀاھا ٿا ٿين ته ڪڏھن اسان جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضن جون ڪوششون. ڪڏھن پنجاب جي ڪمپنين کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين الاٽ ٿي ڪئي وڃي ته ڪڏھن سنڌوءَ مان ڪيترائي ڪئنال ڪڍي، سنڌ سُڪائڻ جهڙي غداري ٿي ڪئي وڃي.

شھيد ڀُٽي، اسان سان ڪيل جنھن وعدي ۽ ڌوڪي جو ذڪر ڪيو آھي، اھو 1940 وارو ٺھراءُ آھي، جنھن ۾ اسان کي آزاد ۽ خودمختار رياست مڃيندي واضح طور چيو ويو آھي ته : “ The areas where the Muslims are numerically in a majority as in The Northwestern and East western Zones of India should be grouped to Constitute Independent Stats in which The Constituent Units shall be autonomous and Sovereign.” يعني: ”اھي علائقا جتي مسلمان اڪثريت ۾ آھن ، جيئن ھندستان جي اتر اولهه ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ آزاد رياستن کي پاڻ ۾ ملايو وڃي يا گروپ ٺاھيو وڃي . گروپ ۾ شامل آئيني ايڪا آزاد، خود مختار ۽ حاڪم ھوندا. ھن ٺھراءُ ۾ جن اتر اولهه وارن علائقن ، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو ذڪر آھي ۽ جن کي آئيني طور ” رياست“ تسليم ڪرڻ جو وعدو ٿيل آھي، اھي ئي رياستون ھاڻوڪو پاڪستان آھن، جن کي واعدي خلافي ڪندي، رياستن بدران صوبن جو درجو ڏنو ويو آھي ۽ وفاق جي نالي تي ٺڳي ڪئي ويئي آھي. ذڪر ڪيل ٺھراءُ ۾ جن اوڀر وارن علائقن جو ذڪر آھي، اھو بنگال ھو، جنھن کي مشرقي يا ”اوڀر پاڪستان“ جي نالي سان پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو ھو، پر ناانصافين جي ردعمل ۾ 24 سالن اندر اسان کان ڌار ٿي ”آزاد رياست“ جي حيثيت ۾ دنيا جي نقشي تي اُڀريو. ان سانحي مان سبق سکڻ بدران آقائن ھتي پنھنجا دلال پاليا، جيڪي سنڌي قوم کي منجهائڻ لاءِ ” وفاق جي علامتن “ ۽ ” صوبن جي زنجيرن “ جهڙا لالي پاپ ڏيئي رھيا آھن، پر ھاڻي سنڌي قوم کي ڌارين جي جي سامھون اھو چِٽو اعلان ڪرڻو پوندو ته  : اسان پاڪستان ۾ رھڻ چاھيون ٿا پر ”برابريءَ جي بنيادن تي، ھاڻي صوبن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ قابو ڪري ، ازلي غلاميءَ جو طوق پائڻ لاءِ تيار نه آھيون، اسان کي حقيقي وفاق گهرجي ، جنھن جو اسان سان وعدو ڪيو ويو ھو.“

حقيقت ۾ وفاقي نظام جي وصف نھايت سولي ۽ واضح آھي ته : ” ٻه يا ٻن کان وڌيڪ رياستون يا ملڪ، پنھنجن گڏيل مفادن جي پورائيءَ لاءِ پاڻ ۾ اتحاد ٿيون ڪن ۽ مرڪز جو ڪار وھنوار ھلائڻ لاءِ پنھنجي مرضيءِ سان پنھنجا ڪجهه وسيلا ۽ اختيار مرڪز جي حوالي ڪن ٿيون ته اھڙي طرزِ حڪومت کي وفاقي طرز حڪومت چيو وڃي ٿو. “ھيءَ وصف واضح ڪري ٿي ته وفاقي حڪومت ۾ سمورن اختيارن ۽ ملڪيتن جون مالڪ رياستون يا صوبا آھن، مرڪزي حڪومت جي حيثيت رڳو ”خيرات پِندڙ فقير“ جهڙي آھي  ھاڻي 73 وارو آئين غير مؤثر چڪو آھي، پاڪستان 1947 ۽ 1935 واري برٽش لاءَ واري پوزيشن تي واپس پھچي چڪو آھي، تنھنڪري 1940 واري ٺھراءُ موجب نئين آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرايون وڃن . صوبن کي رياستون تسليم ڪيو وڃي . زمينن ، سمنڊ ، ٻيٽن ، تيل ، گئس ، ڪوئلي ۽ ھيرن جواھرن سميت سمورن قدرتي وسيلن کي انھن رياستن جو مالڪ قرار ڏنو وڃي ۽ زمينن سميت مرڪز پاران رياستن جا سمورا حق ۽ ملڪيتون واپس موٽايون وڃن . ان کان گهٽ ڪنھن به ڳالهه کي قبول نه ڪيو ويندو. “

مارچ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو