عرفان پٺاڻ کي آچر سٺو نه لڳو، آءِ پي ايل ڪامينٽري پئنل مان ڪڍي ڇڏيائونس

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي آل رائونڊر عرفان پٺاڻ هلندڙ سال انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ڪامينٽري پئنل جو حصو نه هوندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، عرفان کي آءِ پي ايل 2025 جي ڪامينٽري پئنل ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، هو رٽائرمينٽ کان پوءِ آءِ پي ايل ۾ باقاعدي ڪامينٽيٽر طور ڪم ڪري رهيو هو.
اڳوڻو ڀارتي فاسٽ بالر آءِ پي ايل 2025 جي افتتاحي ميچ دوران جيڪا ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ۽ رائل چئلينجرز بنگلورو وچ ۾ کيڏي وئي ۾ به نظر نه آيو هو.
آچر ڏينهن ڀارتي اخبار ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته براڊڪاسٽرز عرفان پٺاڻ جي ذاتي مسئلن کي ڪامينٽري ۽ سوشل ميڊيا تي آڻڻ تي ڪاوڙيل هئا، جنهن سبب کيس ڪامينٽر پئنل مان هٽايو ويو.
رپورٽ موجب، عرفان پٺاڻ جا ڪجهه رانديگرن سان ورهين کان اختلاف هلندڙ آهن ۽ هو نالو وٺڻ بنا مٿن تنقيد ڪندو رهيو آهي.
واضح رهي ته 2020 ۾ اڳوڻي ڀارتي بيٽر سنجي منجريڪر کي به ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران رويندرا جاڙيجا تي تبصرو ڪرڻ سبب ڪامينٽري پئنل مان هٽايو ويو هو.
ان کان اڳ 2016 ۾ مشهور ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي کي به آءِ پي ايل جي ڪامينٽري پينل مان ڪڍيو ويو هو، جنهن تي هرشا ڀوگلي ان تي حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو هو ته کيس به صحيح خبر ناهي ته کيس ڇو هٽايو ويو.

مارچ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو