حراماني جا عجيب شوقَ..! وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيائين
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبرو اداڪارا حرا ماني انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ برياني ۾ فروٽ چاٽ ملائي کائيندي آهي.
انسٽاگرام تي تيزيءَ سان وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾حرا ماني هڪ نجي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ دوران پنهنجي وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ کاڌن بابت ويچار ونڊيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته “مان برياني ۾ زردو به ملائي کائيندي آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ فروٽ چاٽ به شامل ڪري ڇڏيندي آهيان.“
سندس ان ڳالهه تي ميزبان وائڙو ٿي ويو ۽ کائنس پڇيو ته ” برياني ۾ فروٽ چاٽ ڪير ملائي کائيندو آهي؟ “ جنهن تي اداڪارا وراڻيو ته ” مان اهڙي ئي آهيان، ماني به مون کان اهڙا ئي سوال ڪندو آهي، جڏهن مان هن کي به اهڙي برياني پيش ڪندي آهيان ته هو چڙي ويندو آهي.“
حرا ماني وڌيڪ چيو ته هن کي مٺو ڏاڍو پسند آهي، شايد انڪري هوءَ ائين ڪندي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار سندس وڊيو تي مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن، ردعمل ۾ ڪجهه واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ان کي اداڪارا جي معصوميت قرار ڏئي سندن واکاڻ ڪئي.
