هڪڙي فتح کانپوءِ شاهينن جا ساڳيا پير، نيوزيلينڊ سيريز کٽي ورتي

مائونٽ مينگنوئي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 1-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
مائونٽ مينگنوئي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 220 رنسون ٺاهيون.
فن ايلن 50، مچل بريسويل 46، ٽم سيفرٽ 44، ڊيرل مچل 29، مارڪ چيمپين 24 رنسن جي اننگز کيڏي، پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، ابرار احمد 2 ۽ عباس آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ قومي ٽيم 16.2 اوورن ۾ 105 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عبدالصمد 44 ۽ عرفان نيازي 24 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
نيوزيلينڊ طرفان جيڪب ڊفي 4، فولڪس 3، رورڪي، نيشم ۽ سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ڪيويز ميچ ۾ 115 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 5 ميچن جي سيريز ۾ 1-3 جي فيصلائتي سرسي ماڻي ورتي.
ٻنهي ٽيمن ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري ميچ اربع تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.