اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي لاڏاڻي کي نشانِ پاڪستان سان نوازيو ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي لاڏاڻي کانپوءِ نشان پاڪستان سان نوازيو ويو.
ايوان صدر ۾ اعليٰ ترين سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءُ صنم ڀٽو ايوارڊ وصول ڪيو، ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري به موجود هئي.
ايوارڊ وصول ڪندي صنم ڀٽو جذباتي ٿي وئي ۽ سندس اکيون ڀرجي آيون، ان موقعي تي ايوان صدر ”جيئي ڀٽو ۽ زندهه هي ڀٽو“ جي نعرن سان گونجي پيو.
تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ ماڻهن کي سول اعزازن سان نوازيو ويو.

مارچ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو