منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد

Spread the love

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا ۾ منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
پنجاب پوليس ترجمان موجب لڪسيان ٿاڻي جي پوليس منشيات فروشن جي اڏي تي ڇاپو هنيو هو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪانسٽيبل عمران وينس ۽ راڻا شفيق شهيد ٿي ويا.
مقابلي دوران سب انسپيڪٽر ممتاز ۽ ايليٽ ڪانسٽيبل نعمان زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

مارچ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو