‘ھارڊ اسٽيٽ’: رياست جي بدران هڪ ڀيرو مڪمل آئيني رياست بڻجي ڏسو
وسعت الله خان
هڪ ڳالهه تھ مڃڻي پوندي تھ اسان جو ھاڻوڪو جرنيلي ڪلاس اڳوڻن کان وڌيڪ پالشڊ آهي، جڏهن ته سياستدانن جي حاضر کيپ پنھنجن وڏڙن (اڳوڻن) جي مقابلي ۾ گهٽ پڙھيل لکيل آھي يا وري علم ۽ فضل ڳجھھ ۾ رکيو آھي ۽ فوٽو ڪاپي سوچ تي گذارو آھي.گهڻو سياسي ڪلاس جئين تھ تَن آسان آھي، تنھن ڪري اھو محنت طلب پاليسي سازي ۽ پوءِ وري ان پاليسي تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي طاقت ۽ صلاحيت تان بھ آھستي آھستي ھٿ کڻندي نظر اچي ٿي.ان جو مجموعي رويو اهو آهي تھ ” ُتسي دسو اسي ڪي ڪرڻا اي“( توھان ٻڌايو اسان کي ڇا ڪرڻو آھي)
گذريل ھڪ ڏهاڪي ۾ خاص طور گهڻين انتظامي يا پاليسي اصطلاح،عسڪري آپريشنز جا ٽائيٽلز ۽ هٿيارن جا نالا (اصل ۽ مستعار”ٻين کان ورتل“) فوجي قيادت ئي متعارف ڪرايا آهن.مثال طور، حتف، ابدالي، غوري، غزنوي،شاهين، بابر،رعد، نصر ميزائل، ضرار ٽينڪ، آپريشن ضربِ عضب، ضرب و آهن، راهِ نجات، عزم و استحڪام، اميدِ نو، آپريشن مرگ بر سرمچار،ففٿ جنريشن وار، ڪائنيٽڪ اسٽريٽجي، ڊجيٽل ٽيررازم، فتنهِ الخوارج وغيره. وغيره.انهن نالن ۽ ڪمن کان پوءِ به موجوده آرمي چيف کي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ کُلي ڪري چوڻو پيو ته هٿياربند فوج آخر ڪيستائين انتظامي خامين سبب جنم وٺندڙ خلا کي پنهنجي قربانين ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندي رهندي ۽ اسان کي ھڪ سافٽ اسٽيٽ (ڍري رياست)جي سوچ مان نڪري ڪري ھارڊ اسٽيٽ ( سختگير رياست) بڻجڻو پوندو.
جنرل صاحب تھ بس ايترو چئي ڪري ھليو ويو پر مون جهڙا صحافي تھ مونجھاري ۾ منجھي پيا تھ سافٽ ۽ ھارڊ اسٽيٽ ڪھڙي بلا ھوندي آھي ؟ گوگل جي معرفت اي آءِ کان رجوع ڪيو تھ، ان ٻڌايو تھ، سافٽ اسٽيٽ جو اصطلاح پهريون ڀيرو سوئيڊش جي اقتصاديات و سماجيات جي ماھر گونر مردال 1968 ۾ غربتِ اقوام جي سببن تي شايع ٿيندڙ پنھنجي ڪتاب “ايشين ڊرامھ” ۾ استعمال ڪيو هو.
لبِ لُباب ھي آهي ته سافٽ اسٽيٽ هڪ قسم جي طوائف الملوڪي (ھڪ کان وڌيڪ بادشاھن جي حڪم تي ھلندڙ رياست ) آهي. قانون تھ ڪاغذن ۾ ھوندا آهن، پرعمل ڪو نٿو ڪري. ڪرپشن جي ڪري رياستي عملداري کوکِلي ٿي ويندي آهي. هر طاقتور فرد، جماعت ۽ ادارو پاڻ کي ڦني خان سمجهندو آھي،تنھنڪري ان رياست جي پنهنجي آبادي ۽ علائقي تي گرفت ڍري ٿي ويندي آهي. ائين نيٺ رياست غريب جي جوءِ ٿي سڀني جي ڀاڄائي بڻجي ويندي آهي.
جڏهن ته ھارڊ اسٽيٽ (سختگير رياست) مرڪزيت تي ٻڌل موثر گورننس جي قيام ۽ داخلي و خارجي طور تي پنهنجي ڳالھھ،پاليسي يا قانون مڃرائڻ لاءِ عسڪري ۽ اقتصادي قوت لاڳو رکي ٿي.جنرل عاصم منير گورننس جي بهتري لاءِ جنهن آھني( سختگير) رياست جي ڳالهه ڪئي آهي.اڄ کان ست سال اڳ (نومبر 2018) هندستان جي قومي سلامتي جي مشير اجيت دوول، نڪسلي ۽ سک انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهن ۾ رکندي،لڳ ڀڳ اھو ئي چيو ھو تھ “اسان جا اندروني ۽ ٻاهريان دشمن تيستائين اسان جي ڪمزورين مان فائدو کڻندا رھندا جيستائين اسان ھڪ سافٽ رياست جي سوچ مان نڪري ھارڊ رياست نٿا بڻجون. ائين نھ آھي تھ هندستان ڪو ڪمزور ملڪ آهي، پر مسئلو ھي آهي ته اسان پنهنجي موجوده گورننس جي ڍرسري معيار جي سبب پنهنجي طاقت جو موثر نفاذ نھ ڪري رھيا آھيون“
جيڪڏهن اسين ٿوري دير جي لاءِ ھي ضر المثل دري مان ٻاھر ڦٽو ڪري ڇڏيون تھ “جنھن جي ھٿ ۾ مترڪو ھجي ان کي هر شيءِ ڪوڪو(ڪلي) نظر اچي ٿي” تڏھن بھ ھڪ ٽين سوچ پرکڻ ۾ ڪھڙي خرابي آھي؟ان سوچ جي مطابق جيڪڏهن سافٽ اسٽيٽ کي بدنظمي و طوائف الملوڪي جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو،تھ ھارڊ اسٽيٽ جي اينٽي بايوٽڪ ھڪ ٻي انتھا آھي.جنهن جي مسلسل استعمال سان وائرس سان گڏوگڏ مدافعتي نظام پڻ ڪمزور ٿيندو ويندو آھي.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته رياست کي پنهنجي مجموعي انتظامي رويي ۾ لچڪدار ۽ عمليت پسند هجڻ گهرجي.آپريشن ۽ آپريشن کان پوءِ مريضن جي سارسنڀال يڪسان اھميت ئي ڪنهن رياست جي جٽادار صحت جي ضامن بڻجي سگهي ٿي.
رياست عوامي اعتماد کان سواءِ، طاقت جي زور تي ڪجھھ وقت تھ ھلائي سگهجي ٿي، پر خودبخود نھ ٿي ھلي سگھي. جڏهن عام ماڻھون جي مسئلي جي حل لاءِ رائج ۽مڃيل سياسي ۽ قانوني رستن جي احترام۽ تحفظ جي ضمانت، خود رياستي ادارا پنھنجي قول و فعل سان مھيا ڪن ۽ هر ادارو ( مقننھ، عدليه، فوجي اسٽيبلشمينٽ)عقل ُڪل بڻجڻ ۽ هڪ ٻئي کي سنڍ ڪرڻ بدران، پنهنجي مقررآئيني دائري ۾مطمين رھي ڪم ڪن تھ ، پوءِ ھارڊ ۽ سافٽ جو بحث غير ضروري ٿي وڃي ٿو.
اهڙي سازگار ماحول ۾ عوام ۽ رياست پنھنجن گڏيل فرضن ۽ حقن جو احترام ڪندي فطري حليف بڻجي وڃن ٿا پر قانون سازي جو مقصد، جيڪڏھن وسيع تر عوامي مفاد ۽ بنيادي حقن جي حفاظت جي بدران ڪنهن خاص طبقي يا ڪجهه ادارن جو مفاداتي تحفظ ھجي تھ پوءِ اهڙي خود غرض رياست ۽ ان جا ماڻهو آهستي آهستي هڪ ٻئي کان بيزار ٿي ڪري حريف بڻجندا ويندا آھن ۽ ان وڇوٽي کي غلط فهمي،ڪاوڙ۽بغاوت جي جذبات سان ڪندا آھن ۽ ان بي چيني کي دٻائڻ لاءِ وڌيڪ سختي ڪرڻي پوندي آھي.
تنهن ڪري، رياست پنھنجو ۽ پنهنجي رعيت جو يڪسوئي سان اندروني ۽ ٻاھريون اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي تحفظ نھ ٿي ڪري سگھي ٿي .قرض ۽ ٽيڪسن مان گڏ ٿيندڙ جيڪي پئسا بنيادي سهولتن تي خرچ ٿيڻ گهرجن، اھي ھر سال وڌندڙ اضافي سيڪيورٽي بجيٽ ڳڙڪائيندي ويندي آھي.
طاقت جو بلڊوزر ُاٻڙکٻڙ زمين کي ان نيت سان سڌي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گھرجي.ته جيئن زمين هڪ مضبوط ڪرپشن فري،سياسي ۽ معاشي عمارت بڻائي سگهجي، نھ ڪھ سڌي زمين کي
وڌيڪ ڪوٽ اڏڻ لاءِ استعمال ڪرڻي پئجي وڃي.
پاڪستان 78 سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا ھارڊ ۽ سافٽ رياست بڻجڻ جو تجربو ڪري ورتو آهي. هاڻي، هڪ اڌ ڀيرو مڪمل آئيني رياست بڻجڻ جو تجربو بھ ڪري وٺجي تھ ڪھڙو حرج آھي.
سڄي زندگيءَ ‘سخت ڇوڪراٽ’ بڻجڻ جي ڀڄ ڊڪ ۾ آخر ڪيستائين ڊوڙي سگھجي ٿو ؟
مارچ 21, 2025