حسن نواز جي تيز ترين سينچري، بابر اعظم جو رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيائين

Spread the love

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني بيٽر حسن نواز، بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ تيز ترين سينچري ٺاهڻ وارو رڪارڊ ٽوڙي اِهو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پاڪستان آڪلينڊ ۾ کيڏيل ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست پنجن ميچن جي سيريز ۾ شاندار واپسي ڪئي آهي.
22 ورهين جي حسن نواز آڪلينڊ ۾ کيڏيل ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ رڳو 44 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي. سندس شاندار اننگز ۾ 10 چوڪا ۽ 7 ڇڪا شامل هئا.
حسن نواز پنهنجي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪيريئر جي ٽِين ميچ ۾ 105 رنسن جي تاريخي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته ان کان اڳ بابر اعظم 2021ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 49 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
. پنجن ميچن واري سيريز ۾ ٻن ميچن ۾ نيوزيلينڊ ڪامياب رهيو، جڏهن ته هڪ ميچ پاڪستان پنهنجي نالي ڪئي.

مارچ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو