چيمپيئنز ٽرافي فائنل ۾ پاڪستاني نمائندا نظرانداز ڇو؟ پي سي بي کي آءِ سي سي وٽان جواب نه مليو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پاڪستاني عملدارن جي غير موجودگي بابت پي سي بي جي سوال جو اڃا تائين ڪو جواب نه ڏنو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کان وضاحت طلب ڪئي هئي ته چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل جي ٽرافي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڇو نه هئي، جڏهن ته پي سي بي جي سي اي او ۽ ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر سمير احمد دبئي ۾ موجود هو.
ذريعن موجب، آءِ سي سي کي ڪيترائي ڀيرا ياد ڏيارڻ باوجود پي سي بي کي اڃا تائين ڪو جواب ناھي مليو.
پاڪستان نه رڳو فائنل جي تقريب ۾ نظرانداز ڪرڻ تي احتجاج ڪيو هو، پر سڄي ٽورنامينٽ دوران ٿيندڙ بدانتظامين بابت پڻ آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو هو.

مارچ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو