’پرامپٽر‘ يا لُقمو ڏيندڙ
ياسر قاضي
ڪجھه سال اڳ رمضان شريف ۾ پهريون ڀيرو هڪ تصوير وائرل ٿي هئي، جيڪا هاڻي هر وقت (خاص ڪري هر رمضان شريف ۾) سوشل ميڊيا تي گردش ۾ رهندي آهي، جنهنکي ڪنهن هڪڙي اڻ ڄاڻ پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ حماقت جو مظاهرو ڪندي وائرل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ لکين احمقَ ان تصوير جي پسمنظر ڄاڻي بنا ان کي اڳيان وڌائڻ پنهنجو اخلاقي فرض سمجھندا آهن. ان تصوير ۾ تراويحن جي نماز دؤران بيٺل جماعت جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ۾ اڳيان پيش امام تلاوت ڪري رهيو آهي ۽ پويان ٻه صاحبان نماز پڙهڻ دؤران هڪ هٿُ پيٽ تي ٻَڌي ٻئي هٿ ۾ موبائيل فون پڪڙيو بيٺل آهن. هن تصوير تي ان قسم جي طنزيه عبارت لکيل هوندي آهي ته ”الله جي عبادت کان وڌيڪ موبائيل استعمال ڪرڻ جو فرض آهي، جنهن کي نماز دؤران به نٿو ڇڏيو وڃي.“
مونکي ته جيترا دفعا به جن جن دوستن اها تصوير موڪلِي، مُون انهن کي ته ان جي وضاحت موڪلي، پر ظاهرآ هي ته اها تصوير لکين ماڻهن لکين ماڻهن کي فارورڊ ڪئي هوندي ۽ الائي ڪيڏن ماڻهن ان جو غلط مفهوم ڪڍي ان جو مذاق اڏايو هوندو. اصل ۾ رمضان مبارڪ جي مهيني ۾ مسجدن ۾ ٿيندڙ ختم القرآن جي موقعي تي ٿيندڙ نماز جي جماعت ۾ هر تلاوت ڪندڙ حافظ صاحب (پيش امام) پٺيان پهرينءَ صف ۾ هڪڙو يا ٻه ٻيا حفاظِ اڪرام موجود هوندا آهن، جن جِي خاص ذميواري اها هوندي آهي ته اهي ان پيش امام جِي تلاوت غور سان ٻڌندا رهن ۽ جتي به هُو ڀُلجي، ته اتي کيس پويان وڏي آواز ۾ اُن آيت جا اڳتي جا لفظَ صحيح ڪري ٻڌائن، ته جيئن هُو ڀولَ کان بچي تلاوت اتان صحيح ڏِسا ۾ اڳتي جاري رکي ۽ ڀٽڪِي نه وڃي. اهڙن حفاظِ اڪرام کي، جيڪي خاص ڪري تلاوت ٻُڌي ان جي ڀٽڪڻ جي صورت ۾ پيش امام جي رهنمائي ڪن، اسان وٽ مڪاني زبان ۾ ”لقمو ڏيندڙ“ چيو ويندو آهي ۽ ان عمل کي ”لقمو ڏيڻ“ چئبو آهي، جڏهن ته بين الاقوامي طور تي ان عمل کي ”پرامپٽ“ (Prompt) ڪرڻ ۽ اهو عمل انجام ڏيندڙ کي ”پرامپٽر“ (Prompter) چيو ويندو آهي. انگريزي لفظَ ”پرامپٽ“ جي معنيٰ آهي: ”اُتي جو اُتي“، ”بي ساخته“، ”برجستو“ وغيره ۽ ”پرامپٽر“ جِي معنيٰ آهي: ”بروَقت هوشيار ڪندڙ“ يا ”ٿڏي تي اشارو ڏيندڙ“
ياد رهي ته جيڪڏهن اُن جماعت ۾ اُن پيش امام کان علاوه پويان ٻيو ڪو حافظِ قرآن موجود ناهي هوندو، ته ان صورت ۾ هڪ يا ٻن ڄڻن کي شرعي طور اها اجازت هوندي آهي ته اهي پاڪيٽ سائيز جو قرآن پاڪ کولي، هڪڙي هٿَ ۾ اهو جَھلي، جاري تلاوت کي لفظ به لفظ ’مانِيٽر‘ ڪندا رهن ۽ جيڪڏهن ڪٿي حافظ صاحب کان ڪا غلطي ٿئي ٿي، اتي هُو لُقمو ڏئي، وڏي آواز ۾ صحيح آيت پڙهن، ته جيئن هُو پنهنجي تصحيح ڪري سگھي. سرڪاري ٽيليويزن تان رمضان جي آخري ٽن ڏينهن ۾ نشر ٿيندڙ ”محفلِ شبينه“ ۾ اوهان مان گھڻن پهرينءَ صف ۾ اهڙا نمازي بيٺل ڏٺا هوندا، جيڪي ننڍي سائيز جو قرآني نسخو کولي اهڙو فرض انجام پيا ڏيندا آهن. دؤر بدلجڻ سان اهو پاڪيٽ سائيز قرآن پاڪ هاڻي موبائيل ۾ کولي ٿو ڏِسجي ۽ پهرينءَ صف ۾ بيٺل اهي ”لُقمو ڏيندڙ“ (پارمپٽر) صاحبان هاڻي موبائيل فون تي ڪنهن ’ائپ‘ رستي يا ’پِي ڊي ايف‘ جِي صورت ۾ قرآن پاڪ جِي اها هلندڙ سورة کولي ساڻ ساڻ دل ئي دل ۾ پڙهندا رهن ٿا ۽ جتي حافظ صاحب کان ڪا غلطي ٿئي ٿي، اتي کيس ”لُقمو ڏئي“ صحيح دڳ لائن ٿا. اهو آهي اِن يا اِن قسم جي تصويرن جو پسمنظر.
لقمو ڏيڻ جو اهو عمل رڳو باجماعت نماز يا ختم القرآن تائين محدود ناهي، بلڪه ”لقمو ڏيڻ“ يا ”پرامپٽ ڪرڻ“ ٿيئٽر ۽ اسٽيج ڊرامن جو خاص عمل آهي. اسٽيج تي پيش ٿيندڙ ناٽڪ جو سڄو اسڪرپٽ هڪ مُک رجسٽر ۾ لکيل هوندو آهي، جنهن منجھان هر اداڪار کي اهي متعلقه پنا فوٽو ڪاپي ڪري ورهائي ڏنا ويندا آهن، جن جن منظرن ۾ کيس پرفارم ڪرڻو هوندو آهي. جڏهن جڏهن جيڪو منظر (سِين) اسٽيج تي پيش ٿي رهيو هوندو آهي، پردي جي بالڪل پويان، پردي سان صفا لڳي بيٺل، هڪ ڪُل وقتي ”لقمو ڏيندڙ“ (پرامپٽر) اُن اُن منظر وارا پنا اُٿلائيندو ويندو آهي ۽ جِتي جِتي اداڪار کان سندس مڪالما وسري ويندا آهن، اتي اتي پويان هُو رڳو هڪ يا ٻه لفظ هورڙيان چئي کيس ياد ڏياريندو آهي ته سندس اڳيون ڊائلاگ ڪهڙو آهي. ان ’پرامپٽر‘ جو اهو آواز ايڏو ته هورڙيان هوندو آهي، جو فقط اسٽيج تي بيٺل اداڪارن تائين ئي پهچي سگھندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پهرينءَ قطار ۾ ويٺل حاضرين جي ڪنن تائين به ’ٿيئٽر پرامپٽر‘ جو اهو آواز پهچي ويندو آهي. اسٽيج ڊرامن دؤران اهڙو لقمو ڏيندڙ کي ’ٿيئٽر پرامپٽر‘ يا ’ٿيئٽرِيڪل پرامپٽر‘ (اسٽيج ناٽڪ جو لقمو ڏيندڙ) چيو ويندو آهي. اهڙا ’پرامپٽرَ‘ ٽي وي ڊرامن توڙي فلمن ۾ به ڪئميرا کان پاسيرا بيهي اداڪارن کي سندن مڪالمن جون سٽُون ياد ڏيارڻ ۾ مدد ڪندا رهندا آهن. ٽيليويزن توڙي فلمن ۾ اهو ڪم اڪثر پيشڪار (پروڊيوسر) يا هدايتڪار (ڊائريڪٽر) جا معاون (اسسٽنٽ) انجام ڏيندا آهن.
دؤر بَدليو… زمانو ٻيو ٿيو ته ’پرامپٽر‘ به انساني ڏِيلَ کان ٻاهر نڪري مشيني رُوپ ڌاريو. اڳي اوهان ڏسندا هئا ته ٽيليويزن تي خبرُون پڙهندڙ (نيوز ڪاسٽر) جُون نگاهون سندن سامهون رکيلَ پنن ۾ هونديون هيون ۽ هُو کوڙ سارن جملن پڙهڻ کانپوءِ هڪ نظر ڪيمرا ۾ نهاري پنهنجي ’اک جي رابطي‘ (آءِ ڪانٽيڪٽ) جِي تجدِيد ڪندو هو. پوءِ زمانو بدليو ته ’ٽيلي پرامپٽر‘ آيو، جنهن کي ’ٽيلي پرامپٽر آپريٽر‘ به چيو ويو. يعني ساڳيو نيوز ڪاسٽر پنهنجي سامهون رکيل بليٽن جي پنن کي اُٿلائيندو ويندو هو ۽ انهن پنن جي عين مٿان لڳل عمودي ڪيميرا انهن پنن تي لکيل لکڻيءَ جو عڪس جَھٽي، کيس سامهون لڳل اسڪرين تي ڏيکاريندي هئي ۽ هُو اسڪرين کي نهاريندو خبرون سِٽَ به سِٽَ پڙهندو ويندو هو ۽ ناظرين سان مسلسل پنهنجي ’اک جي رابطي‘ (آءِ ڪانٽيڪٽ) کي جاري رکندو هو. هُو پنن ڏانهن فقط ان وقت نهاريندو هو، جڏهن کيس پنو تبديل ڪرڻو هوندو هو.
ٽيڪنالاجيءَ اڃا به جدت اختيار ڪئي ۽ ’ٽيلي پرامپٽر‘ جِي جاءِ ’آٽو ڪيُو آپريٽر‘ ورتي. هن مشين ۾ ساڳئي قسم جِي اسڪرين (جيڪا ’ٽيلي پرامپٽر‘ ۾ لڳل هوندي آهي) خبرُون پڙهندڙ آڏو لڳل هوندي آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته ان تي سندس پنن تان ڪو عڪس جھٽيندڙ ڪيمرا استعمال ناهي ٿيندي، بلڪه نيوز ڪاسٽر جي اڳيان رکيل ڪمپيوٽر (ڊيسڪ ٽاپ يا اڄڪلهه اڪثر ليپ ٽاپ) تي بليٽن جا ٽائيپ ٿيل ورقَ کليل هوندا آهن. هُو رڳو پنهنجي مائُوس يا ڪمپيوٽر ’ڪِي بورڊ‘ ۾ موجود تيرَ جي نشان (ايرو ــ ڪِي) رستي انهن سافٽ پنن کي اُٿلائيندو ويندو آهي، جنهن سان گُھربل سٽون (جيڪي کيس پڙهڻيون هونديون آهن) واري واري سان اسڪرين تي نمُودار ٿينديون وينديون آهن. هاڻي ته نيُوزڪاسٽر کي اهي ورقَ ’اسڪرول‘ ڪرڻ (اُٿلائيندو وڃڻ) جِي ضرورت به ناهي، بلڪه مصنوعي ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جِي آواز ٻُڌي لفظ سُڃاڻيندڙ (اسپِيچ ٽُو ٽيڪسٽ) ٽيڪنالاجيءَ تحت خبرون پڙهندڙ جي ادا ڪيل لفظن واريون سٽون، ’پرامپٽر‘ پاڻ ئي اُڪرندو ويندو آهي ۽ جيڪي سٽون کيس پڙهڻيون هونديون آهن، ’آٽو ڪيُو آپريٽر‘ اهي کيس اسڪرين تي ڏيکاريندو ويندو آهي ۽ نيوز ڪاسٽر کي هاڻي هڪ لمحي لاءِ به هيٺ ڏِسڻ جي ضرورت ناهي پوندي ۽ هُو لاڳيتو پنهنجي ناظرين سان ’اک جي رابطي‘ (آءِ ڪانٽيڪٽ) ۾ رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته پَنن تي بليٽن لکجڻ جو رواج ئي ختم ٿي چڪو آهي. بليٽن جي تحريرَ، سافٽ ڪاپيءَ جي صورت ۾ وَٽس موجود هوندي آهي، جيڪا هو ’پرامپٽر اسڪرين‘ تي پيو پڙهندو آهي.
انهن’برقي لقمو ڏيندڙ آلن‘ کانسواءِ انساني مددگارن ۾ هڪ ’پرامپٽر‘ اڪثر ڪنهن عام ميڙاڪي، سيمينار، تربيتي ورڪشاپ، ڪانفرنس يا سمپوزيم ۾ ڪابه پريزينٽيشن پيش ڪندڙ مقرر جي رهنمائيءَ لاءِ به مقرر هوندو آهي، جنهن کي ’پريزنٽيشن اسسٽنٽ‘ چيو ويندو آهي، جنهن جو ڪم مقرر (پريزنٽر) کي سندس پريزنٽيشن (تقرير) جا مُک نُڪتا، تاريخون، انگ اکر ياد ڏيارڻ ۽ موضوع جي مناسبت سان تصويرون، ويڊيوز ۽ نقشا وغيره اسڪرين تي ڏيکارڻ هوندو آهي. هاڻي ته ڪنهن به پريزنٽشن جا برقي ورق اٿلائڻ لاءِ اوهان مقرر جي پنهنجي ئي هٿ ۾ ’پروجيڪٽر‘ جو ’رِموٽ ڪنٽرول‘ ڏسندا هوندؤ، پر ان کان اڳ هڪ ڪُل وقتي ’پريزنٽيشن اسسٽنٽ‘ سندس ورق اٿلائڻ لاءِ موجود هوندو هو، جنهن کي مقرر هر صفحي جي وضاحت کانپوءِ ’نيڪسٽ‘ جو اشارو ڏيندو هو ۽ هُو سندس سهولت لاءِ پريزنٽيشن جا برقي ورق اُٿلائيندو ويندو هو. (اڃا به ڪٿي ڪٿي اهڙا ’پريزنٽيشن اسسٽنٽ‘ مقررن جي مدد لاءِ موجود هوندا آهن.) ان قسم جي مددگارن کي به ’لقمو ڏيندڙن‘ (پرامپٽرس) ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
اوهانکي به ننڍپڻ يا نوجوانيءَ ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪنهن زباني امتحان ۾ ڪو سوال نه اچڻ جي صورت ۾، اوهانجي ڪنهن ساٿيءَ اهو جواب ٻڌائڻ جي سلسلي ۾ مدد ڪندي هورڙيان آواز ۾ ’لقمو ڏئي‘ يا ’پرامپٽ ڪري‘ ان سوال جو جواب ٻڌائي اوهانجي مدد ڪئي هوندي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اوهان لاءِ ان مددگار جو ڪردار به ’پرامپٽر‘ وارو رهيو هوندو. مطلب ته هر شعبي ۾ مُک ڪردار ادا ڪندڙ کي اڻ ڳڻين مددگارن جي ضرورت پوندي آهي، جيڪي پردي پويان رهي، سندس ڪارڪردگيءَ کي بي عيب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. انهن ۾ ’پرامپٽر‘ (لقمو ڏيندڙ) جو ڪردار، انهن لفظن يا مڪالمن کي ياد ڏيارڻ وارو هوندو آهي، جيڪي اهي لفظ ادا ڪندڙ مقرر يا اداڪار کان وسرڻ جو انديشو هوندو آهي، يا هُو وساري ويهندو آهي.
مارچ 18, 2025