ماڻهو تاڙ ۾ هوندا آهن ٽيم هارائي ته رانديگرن تي تنقيد ڪيون: حارث رئوف

ڊونيڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بولر حارث رئوف چيو آهي ته ماڻهو تاڙ ۾ هوندا آهن ته جيئن ئي ٽيم هارائي ته رانديگرن تي تنقيد شروع ڪيون.
ڊونيڊن ۾ نيوزي لينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران حارث رئوف چيو ته پاڪستان ٽيم تي تنقيد عام ٿي وئي آهي، اسان جي ملڪ جنهن کي جيڪو وڻي ٿو ڳالهائي ٿو.
هن چيو ته نوجوان ڪرڪيٽرز کي موقعو ڏنو ويو آهي، ته پوءِ کين مڪمل وقت به ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ نوجوان رانديگرن کي 10 کان 15 ميچون ڏنيون وينديون آهن، ان کانپوءِ ئي ڪو وڏو ڪرڪيٽر بڻجندو آهي.
فاسٽ بالر چيو ته ماڻهو انتظار ڪندا آهن ته ٽيم هارائي ته رانديگرن تي تنقيد ڪيون، هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي پر نوجوانن کي ٿورو موقعو ڏيڻ گهرجي.