ٽيم تبديل پر ڪارڪردگي ساڳي، ڪيويز پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شاهينن کي گهمائي لاٿو

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪيوي ڪپتان بريسويل ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو بلڪل درست ثابت ٿيو ۽ پاڪستان ٽيم 18.4 اوورن ۾ 91 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ٻنهي اوپنرن محمد حارث ۽ حسن نواز کاتو ئي نه کوليو، عرفان نيازي هڪ رنس ٺاهي، شاداب خان 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، پاڪستان 11 جي مجموعي اسڪور تي 4 وڪيٽون وڃائي ويٺو.
گرين شرٽس طرفان خوشدل شاهه 32 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ڪپتان سلمان علي آغا 18، جهانداد خان 17، عبدالصمد 7، ابرار احمد 2، شاهين آفريدي ۽ محمد علي هڪ – هڪ رنس ٺاهي.
نيوزيلينڊ طرفان جيڪب ڊفي 4، ڪائل جيميسن 3، اش سوڌي 2، جڏهن ته فالڪس هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 11هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو، ٽم سائفرٽ 44، فن ايلن 28 ۽ ٽم رابنسن 18 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان واحد وڪيٽ ابرار احمد ورتي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 18 مارچ تي کيڏي ويندي.