بنون ۾ هڪ ئي وقت 3 مختلف جاين تي پوليس تي حملا
بنون (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ هڪ ئي وقت ٻن پوليس اسٽيشنز ۽ هڪ پوليس چوڪي تي دستي بم حملا ڪيا ويا.
پوليس اختيارين موجب دستي بم حملن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو ۽ سمورا اهلڪار محفوظ رهيا.
اختيارين ٻڌايو ته بڪاخيل ٿاڻي، غوري والا ٿاڻي ۽ خوجڙي پوليس چوڪي تي دستي بم ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو ويو، جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا.
