پاڪستان ڪرپتو ڪائونسل قائم، ڪير ڪير شامل ۽ ڪم ڪيئن ڪندي؟

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ باضابطا طور تي پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل قائم ڪئي وئي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ڪائونسل جي سربراهي ڪندو، جڏهن ته سندس چيف ايڊوائيزر بلال بن ثاقب کي ڪائونسل جو سي اي او مقرر ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اثاثن بابت هي ڪائونسل پاڪستان ۾ ڪرپٽو جي اپنائڻ لاءِ اثرائتي پاليسي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، جديد مالي نظام جي واڌاري ۽ سيڪيورٽي لاءِ به ڪائونسل سرگرم رهندي.
پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي شروعاتي بورڊ ميمبرز جو پڻ اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ گورنر اسٽيٽ بينڪ، چئرمين ايس اي سي پي (سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان) قانون ۽ آءِ ٽي جا وفاقي سيڪريٽري شامل آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل پاڪستان ۾ ڪرپٽو ايڪو سسٽم کي هٿي ڏيندي، جڏهن ته ڊجيٽل فنانس جي نئين دور جو شروعات پڻ ٿيندي، حڪومت جديد ٽيڪنالاجي لاءِ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته دنيا تيزي سان ڊجيٽل فنانس طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان هن شعبي ۾ اڳواڻي جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جو قيام جديديت ۽ ضابطن جي فريم ورڪ ٺاهڻ جي طرف اهم قدم آهي، جيڪو سيڙپڪارن ۽ مالي نظام جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو.

مارچ 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو